20 خميس , سيپٽمبر 2018

فضل الرحمان جي ڀاءُ کي افغان پناهگيرن جي ڪمشنر جي عهدي تان هٽايو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار افغان مهاجرن بابت ڪمشنر ضياءَ الرحمان کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. سرڪاري ذريعن موجب افغان مهاجرن بابت ڪمشنر جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو ڀاءُ آهي.  ذريعن موجب ضياءَ الرحمان کي عهدي تان هٽائڻ ۽ سندس خلاف جاچ جي منظوري وفاقي ڪابينا ڏني آهي ۽ وزيراعظم جي اسٽيبلشمينٽ بابت صلاح ارباب شهزاد کي جاچ رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.  ذريعن موجب ضياءَ الرحمان پي ٽي سي ايل  جو ملازم هو ۽ جاچ ڪري پتو لڳايو ويندو ته کيس صوبائي مئنيجمينٽ سروس ۾ ڇو ۽ ڪيئن لڳايو ويو آهي، هو ڊي سي خوشاب ڪيئن مقرر ٿيو ۽ ڪيئن وڏي عهدي تي مقرر ٿيو؟ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ انٽريو ۾ چيو ته ضياءَ الرحمان خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، هو خوشاب ۾ ڊي سي به مقرر ڪيو هو، پتو لڳايو ويندو ته ضياءَ الرحمان ڊي سي ڪيئن مقرر ٿيو آهي. هن چيو ته ضياءَ الرحمان کي پاناما ڪيس دوران افغان پناهگيرن بابت ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، کيس هٽائي ڪنهن ٻي آفيسر کي مقرر ڪيو ويندو. فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ميرٽ جي پاليسي تي يقين رکي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ ۾ 9 محرم الحرام جا جلوس، ڪيترن ئي شهرن ۾ موبائيل فون سروس معطل

ڪراچي  ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي، لاهور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے