22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

فرزانه جمالي ڪيس: انصاف جو گهرجائو آهي…

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻي فرزانه جمالي، مبينه طور تي يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي استاد عامر خٽڪ تي جنسي طور تي حراسان ڪرڻ جو الزام هنيو هو، جنهن جي شڪايت هُن يونيورسٽيءَ جي وي سي کي پڻ ڪئي هُئي جنهن جي پاران به کيس سرد مهريءَ جو منهن ڏسڻو پيو، فرزانه جماليءَ کي جنسي طور حراسان ڪرڻ واري ڪارروائي مبينه طور تي ڪافي عرصي کان هلندڙ ٻڌائي وئي آهي جنهن کي آخر ڪار “ هڪ ڇوڪريءَ” انتهائي مجبور ٿي بيان ڪيو ۽ وي سي کي باظابطه شڪايت بعد به جڏهن ڪا موٽ نه ملي ته فرزانه جي والد ٿاڻي تي اهڙي روپورٽ ڪرائڻ چاهي، جنهن جي موٽ ۾ مٿس ڪوڙا الزم مڙهي لاڪپ ڪرايو ويو، جيڪو بعد ۾ ضمانت تي آزاد ٿيو.

فرزانه جماليءَ جو ڪيس، ڪو سنڌ جي هڪ تعليمي اداري جو واحد ڪيس نه آهي، اها سنڌ جي بدنصيبي آهي ته جتي هڪ ته والدين پنهنجين نياڻين کي پڙهائن نه ۽ جي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪن ته يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ انهن کي جنسي طور تي حراسان ڪرڻ جا انتهائي غير مهذب، بداخلاق ۽ ڪراهت آميز واقعا پيش اچن، سنڌ جو ڪو به تعليمي ادارو اهڙو  ناهي جنهن ۾ نياڻين کي جنسي طور تي حراسان نه ڪيو ويو هُجي، ان ڏس ۾ يونيورسٽين ۾ پيش ايندڙ واقعن کان جيڪڏهن ٿورو اڳتي ڏسنداسين ته سنڌ ۾ ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول سطح تائين جي تعليمي ادارن ۾ پڻ نياڻين کي جنسي طور تي حراسان ڪيو وڃي ٿو، نه صرف ايترو پر ڇوڪرن کي پڻ جنسي طور تي حراسان ڪرڻ ۽ زيادتيون ڪرڻ جا واقعا پيش ٿيندا رهيا آهن، پيش ايندڙ واقعن مان بمشڪل ڪي پنج سيڪڙو ڪيس اهڙا هوندا آهن جيڪي منظر عام تي اچن ٿا، نه ته ماڻهو پنهنجي بدناميءَ سبب جنسي طور تي متاثر ٿيندڙ ڇوڪريِ يا ڇُوڪري کي ان اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ مان ئي ڪڍي ٻاهر ڪندا آهن ۽ گهڻي قدر ته انهن جي تعليم جو سلسلو ئي ختم ٿي ويندو آهي. اسان جي سماج جي بدقسمتي اها آهي ته هتي نه صرف سرڪاري تعلمي ادارن ۾ شاگردن يا شاگرياڻين کي جنسي طور حراسان ڪرڻ ۽ جنسي زيادتيءَ جو نشانو بنائڻ جا واقعا پيش اچن ٿا، پر انتهائي افسوس جو مقام ته اهو آهي ته سنڌ جي مدرسن ۾ مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيل ابهم ٻارڙا سڀ کان وڌيڪ جنسي زيادتيءَ جو شڪار ٿين ٿا.

فرزانه جمالي واقعي کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ خيرپور جي هڪ تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين ۽ نرسن اسپتال جي ميل اسٽاف تي جنسي طور تي حراسان ڪرڻ ۽ بداخلاقي ڪرڻ جا الزام هنيا ۽ مظاهرا ڪري احتجاج ڪيو، فرزانه جمالي جي ڪيس کان ڪجهه ڏينهن بعد دولتپور ۾ شاهپورجهانيان اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ڀتا خورن، تر جي باثر ماڻهن خلاف احتجاج ڪيو، سندس چوڻ هو ته هو غلط ڪم ڪرائڻ گهرن ٿا انڪار ڪرڻ تي گهر تي چڙهائي ڪن ٿا ۽ تشدد ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ جنسي طور تي حراسان ڪن ٿا.

هر روز اخبارون پڙهندڙ ماڻهو انهن حقيقت کان چڱيءَ پر واقف آهي ته سماج ۾ هر روز عورتن کي جنسي طور تي حراسان ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهن ٿا، پر افسوس تڏهن ٿئي ٿو ۽ ميڊيا لاءِ به خبر تڏهن ٺهي ٿي جڏهن اهڙو واقعو ڪنهن وڏي تعليمي اداري ۾ پيش اچي ٿو ۽ ان لاءِ  الزام هيٺ هڪ شعبي جو پروفيسر اچي ۽ ان کي وري ان يونيورسٽيءَ جو وي سي تحفظ فراهم ڪندو هُجي،

فرزانه جماليءَ واري ڪيس بعد ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته لاڳاپيل يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هڪ تحقيقاتي ڪميٽي قائم ڪري ها ۽ ان شڪايت جي تفصيل سان جانچ ڪرائي ها، پر ان جي ابتڙ وي سي بذات خود يونيورسٽيءَ جي سمورن شاگردن کي يونيورسٽيءَ جي ميدان تي گهرائي سڀني آڏو هڪ وڏي ۽ پرجوش تقرير ڪئي جنهن جي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي مذمت ڪئي وئي، سندس اهڙي ڪردار مان اهو ڪنهن به طور تي محسوس نه پئي ٿيو ته هو يونيورسٽيءَ جو وي سي آهي.

فرزانه جماليءَ کي جنسي طور حراسان ڪرڻ واري عمل جو پرنٽ ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي  تمام گهڻو چرچو ٿيو ۽ اڃان تائين ٿي رهيو آهي، جنهن بعد سنڌ حڪومت هڪ انڪوائري ڪيميٽي جوڙي جيڪا اڃان پنهنجي تحقيق واري مرحلي ۾ ئي هُئي ته سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو انهيءَ ڪيس ۾ مداخلت ڪندي سموري ڪيس کي هڪ ڊرامو قرار ڏنو ۽ فرازنه کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ جي ساڃاهه وندن عذرا پيچوهو جي اهڙي طرز عمل تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته الزام جي باقاعده تحقيقات ۽ پيروي ٿيڻ کان اڳ سندس اهڙو بيان ڌر ٿيڻ جي برابر آهي.

مٿي بيان ڪيل صورتحال اهڙي آهي جهڙي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي آهي، پر اسان فرزانه جماليءَ جي ڪيس کي هڪ، ڪيس اسٽڊي طور تي ڏسڻ چاهيون ٿا، فرزانه جماليءَ جي ڪيس سان فقط ۽ فقط سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم کي سخت ڇيهو پهتو آهي، جنهن جي تلافي ممڪن نه آهي، عذرا پيچوهو جي اهڙي ريمارڪس بعد فرزانه جمالي سنڌ حڪومت جي جوڙيل تحقياتي ڪميٽيءَ تي عدم تحفظ جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته ان ڏس ۾ پاڻمرادو نوٽس وٺي تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا مڪمل جاچ ڪري.

اسان فرزانه جماليءَ جي اهڙي گُهر کي بجا ۽ جائز سمجهو ٿا، ڇو جو جڏهن هڪ نياڻي پنهنجي عزت تي لڳل داڳ برادشت ڪري شڪايت ڪري ٿي ته سمجهڻ اهو گهرجي ته الزام ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين صداقت ضرور آهي، اسين انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي پارليامياني حلقن ۽ پارٽيءَ کي پڻ اها گذارش ڪنداسين ته  سماج جي هر شعبي ۾  “ ٻارن ۽ عورتن کي جنسي طور حراسان ڪرڻ ۽ جنسي زيادتين جو نشانو بنائڻ” خلاف سخت قانون جوڙين ۽ ان جي عمل کي يقيني بڻائن جو هاڻي معاشرو انهيءَ ناسور سبب ڪافي بيمار ٿي چڪو آهي.

سومر 10 سيپٽمبر  2018ع، 29 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے