25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سٺا سنوڻ ۽ وڏا چئلينج

امتياز  عالم

ڏاڍو سٺو لڳو جڏهن جمهوري سڏائيندڙ ملڪ جي وزير اعظم دفاع واري ڏينهن تي خاص مهمان ۽ وزير اعظم جي حيثيت ۾،  جي ايڇ ڪيو جي وسيع ۽ ڪشادي ميدان تي ٿيندڙ تقريب ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار سواءِ ڪنهن رک رکاءَ جي ڪيو، سندس خطاب دوران ائين لڳي رهيو هو جيئن عمران خان پنهنجي چونڊ تڪ ۾ ئي خطاب ڪندو هجي. سول ۽ فوجي دل ۽ دماغ گذريل چاليهن سالن  ۾ ايئن کير کنڊ ٿيندي شايد اڳ نه ڏٺا ويا آهن. تقريب ۾ خطاب دوران جڏهن عمران خان پنهنجو روايتي موقف ورجايو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ اسان جي جنگ نه هُئي ته ڪيئي قوتن کي مٿي تي گهنج ته پوڻا ئي هيا. يوم دفاع جي تقريب ۾ شامل مهمانن ۾ وڏي انگ ۾ انهن شهيدن جا وارث موجود هيا جن دهشت گرديءَ جي جنگ ۾ پنهنجي سرن جي قرباني ڏني هُئي ۽ ان کان پوءِ جيئن ئي عمران خان دهشت گرديءَ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ کي خراج تحسين پيش ڪيو ته حاضرين جو جذبو ۽ ڏسڻ وٽان هو. وزير اعظم عمران خان جو اهو عزم بي سود نه هو ته پاڪستان آئينده  ڪنهن ٻئي جي جنگ ۾ ملوث نه ٿيندو . اسان پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي غيرن جي فوجي بلاڪن جو حصو ٿيندا رهيا آهيون ۽ آخر ڪيستائين غيرن جي فوجي بلاڪن جو حصو ٿيندو رهندو. سيٽو، سينٽو، افغان جهاد، طالبان حڪومت جا دعويدار ۽ پوءِ نائن اليون جي دهشتگرديءَ بعد انهن جهادين سان جهاد جن ئي اسان ئي آمريڪا جي سرپرستيءَ ۾ “ فساد في الارض”  لاءِ تيار ڪيو. جنهن جا اگر نتيجا بي گناهه ماڻهن، سپاهين، آفيسرن جي شهادتن ۽ وطن جي چپي چپي تي لڳندڙ زخمين جي صورت ۾ ملڪ ڀوڳيندو رهيو آهي ۽ اڃان تائين ڀوڳي رهيو آهي.

انهيءَ تقريب ۾ جنرل باجوا اشارو ڏيندي ايترو ته ضرور چيو ته اسان 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي المين مان سبق سکيو آهي،  ۽ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن سمورين جنگين، جهادن ۽ ڪارگل سميت سمورين  مهمن مان نتيجا ڪڍيا وڃن، اسان کي ڪنهن جي به جنگ ۾ ڪُڏي پوڻ نه گهرجي ۽ نه ئي پنهنجي ڌرتيءَ کي ڪنهن به فتني گيريءَ لاءِ استعمال ٿيڻ ڏجي. پنهنجي پاڙيسري ۽ علائقي جي ملڪن سان پيار ۽ امن سان رهندي ملڪ لاءِ پيدا ٿيل خطرن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزير اعظم عمران خان جو خيال آهي ته هاڻي فوجي ۽ سول لاڳاپا ڪي افسانوي نه رهيا آهن. اسان جي قومي تاريخ ۾ ڪجهه شيون اهم رهيون آهن، گورنر جنرل غلام محمد ۽ اسڪندر مرزا جي صورت ۾ سول نوڪر شاهي جو قبضو ۽ پوءِ جنرل ايوب خان جي صورت ۾  فوجي قبضو. 1971ع جي الميي جي نتيجي ۾ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، صدر ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي صورت ۾ سويلين حڪومت تي قبضو ۽ 1973ع ۾ آئين جو سماجي معاهدو. ان بعد جنرل ضياءُ الحق جي فوجي بغاوت ۽ سول بالادستيءَ جو نشان سمجهيو ويندڙ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي. جنرل ضياءُ الحق جي نرسريءَ ۾ تيار ڪيل سياسي قيادت ۽ بعد ۾ ڀٽي جي سياسي روايتن  سبب جنم وٺندڙ وارث بي نظير ڀٽو ۽ فوجي قيادت وچ ۾ ڇڪتاڻ جا ڪيئي دور.

بي نظير ڀٽو جو قتل ۽ وزير اعظم نواز شريف جون بار بار برطرفيون ، صدر مشرف جو دور ۽ هڪ نئين سياسي نسل جي تشڪيل ۽ هاڻي تبديلي. سول ۽ فوجي قيادت جي ان هني مون پريڊ ۾ ڇا؟ اهو بهتر نه ٿئي ها جو جنرل قمر باجوا ( جيڪو آئيني نظام ۽ جمهوري تسلسل جو وڏو حامي آهي) ۽ وزير اعظم عمران خان سول /  فوجي لاڳاپن کي هڪ سگهارو ۽ آئيني ادارن جو بنياد مهيا ڪن ته جيئن ادارن جي آئيني ۽ غير آئيني مرڪزن جي بي سود ڪشمڪش بجاءِ ادارن جو هڪ ٻئي سان تعاون ۽ تعلق وڌي. ( جنهن جو اظهار آمريڪي وفد جي آمد دوران نظر آيو ، جتي فوجي ۽ سول قيادت هڪ ئي ٽيبل تي ويٺل نظر آئي). آمريڪي وقد سان پاڪستان جي گڏيل  قيادت جيڪا به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ان جو تمام سٺو تاثر قائم ٿيو آهي، هاڻي ڳالهيون عمران خان انتظاميا سان ڪيون ويندون جنهن جو فوج هڪ مضبوط فولادي حصو آهي. چيو پيو وڃي ته جيڪي ڳالهيون اڳ طئي ٿيون هيون انهن تي عمل سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اعتماد بحال ٿيڻ جا ڪيئي رستا کلي سگهن ٿا. هونئن به ملڪ جي موجود بيمار اقتصاديات تقاضائن جي متقاضي نه ٿي سگهي. دهليءَ ۾ آمريڪي پرڏيهي سرڪريٽريءَ پنهنجي هم منصب عورت پرڏيهي وزير سان جڏهن پريس ڪانفرنس ڪئي ته اتي نه پاڪستان جو ذڪر ٿيو ۽ نه ئي چين جو ذڪر ٿيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻنهي ملڪن جي وفد جي ملاقات بعد جيڪو بيان جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ اهو ئي موقف ٻڌڻ ۾ آيو آهي جيڪو اسان ورهين کان ٻڌندا پيا اچون.

واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارت خاني ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ آمريڪا جي دفائي سيڪريٽري جي نائب پاران جن تعريفي جملن جو ورجاءَ ڪيو ويو ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته برف ڳري ضرور آهي. سٺو ٿيندو ته اسان جنرل پرويز مشرف جي ٻٽي حڪمت عمليءَ اختيار ڪندڙ باقايت کان پنهنجي جان ڇڏايون ۽ قول ۽ فعل جي تضاد جي شرمندگيءَ مان پنهنجي سفارتڪاريءَ جي جان ڇڏائي عالمي طور تي اڪيلائي واري صورتحال مان نڪري اچون . ”ڊور مور“ وارن واقعن کي جيڪي خاص ڪري ”ڊرون حملن“ دوران سامهون آيا، ”ڊو مور“ وارا واقعا اسان جي قومي وقار لاءِ مناسب نه آهن. اهو اسان جو پنهنجو قومي ۽ رياستي عزم آهي ته اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪنهن به قسم جي دهشتگرديءَ کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏيون ۽ پنهنجي وطن جي ڌرتيءَ کي ڪنهن به ملڪ جي دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ لاءِ نه ڏيون، ۽ وڌيڪ اهو ته اڃان دهشتگردن جي باقيات خلاف ”ردالفساد“ جاري آهي. اسان جيڪڏهن اهڙو عمل سواءِ ڪنهن ساهيءَ جي ڪندا رهياسين ته پوءِ ڪنهن کي به اسان کي “ ڊو مور” چوڻ جي ضرورت نه پوندي. آمريڪا جيڪڏهن افغانستان ۾ پنهنجين ناڪامين کان تنگ ٿي سڄو بار اسان جي مٿان وجهڻ چاهي ٿو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اسان جي ڪردار جي سڄي دنيا تعريف به ڪري ٿي.اسان آمريڪا ذريعي هندستان کي ڳالهيون شروع ڪرڻ وارو جيڪو جو پيغام ڏنو آهي اهو هڪ سٺو عمل آهي. جيڪڏهن آمريڪا کي افغانستان مان نڪرڻ لاءِ ڪو سياسي حل ڳولڻو آهي ۽ پاڪ – افغان سرحد تي دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪرڻو آهي ته ، آمريڪا کي اسان جي اوڀر واري سرحد تي ڇڪتاڻ کي ٿڌو ڪرڻو پوندو، جيڪا ڳالهه علائقي جي سمورن ملڪن لاءِ فائدي مند آهي.

آمريڪا جي دوري بعد هاڻي چين جو پرڏيهي وزير به دوري تي پهچي ويو آهي، ان سان ڪرڻ لاءِ ته ڳاليهون تمام گهڻيون آهن خاص ڪري سي پيڪ جي حوالي سان ان کي عمران خان جي تبديليءَ جي ايجنڊا  سان همڪنار ڪري سماجي شعبن ۾ ڪيئي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۽ چين جي گڏپ واري محتاجيءَ کان نڪري پيداوار ۽ پائيدار بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڻيءَ جي منصوبن لاءِ جيڪا ڊيمز جي تعمير لاءِ وزير اعظم عمران خان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين تائين مهم شروع ڪئي آهي ان مهم ۾ چين کي به شريڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن چين تمام وڏيون شاهران تعمير ڪري سگهي ٿو، گوادر پورٽ جوڙي سگهي ٿو ۽ بجليءَ جي بحران کي حل ڪري سگهي ٿو ته پوءِ چين پاڻي ۽ زراعت جي برآمدي واپار جي ترقيءَ ۾ به معاون ثابت ٿي سگهي ٿو. اسان جي مالياتي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ چين کان امداد وٺڻ کان وڌيڪ ضروري اهو آهي ته چين سان موجوده نقصان ( جيڪو هن وقت 16.4 ارب ڊالرز آهي ۽ اسان جي مجموعي واپاري نقصان جو تمام وڏو حصو آهي)  تي ضابطو آڻڻ لاءِ طريقيڪار بابت ڳاليهن ۾ مدد وٺجي.

مقامي طور تي ڪرنسين ۾ ڪاروبار ڪرڻ ان معاملي جو حل ناهي، پر پاڪستان چين سان جيڪو برآمدي واپار ڪري رهيو آهي ان ۾ اضافي ڪرڻ جا ڪيئي رستا ڪڍڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جو چين سان هن وقت برآمدي واپار ( 1.83 ارب ڊالرز جو آهي ). چين ٻين ڪيئي ملڪن کي برآمدي واپار جي ڏس ۾ رعايتون ڏنيون آهن ته پاڪستان کي ڇو نه ٿيون ملي سگهن. چين جي هندستان سان علائقائي تڪرارن جي حوالي سان هڪ ڊگهي ڇڪتاڻ جي تاريخ آهي، ۽ هندستان پاران آمريڪا سان ملي چين جو گهيراءُ ڪرڻ واري عالمي سامراجي منصوبن جو حصو هجڻ باوجود به چين هندستان سان پنهنجا لاڳاپا متاثر ٿيڻ نه ٿو ڏئي، اوهان ڏسندا ته چين، ڪهڙي نموني نه جاپانين ۽ هندستانين کي آمريڪا سان جاري واپاري جنگ ۾ پنهنجو ساٿي بڻائي رکيو آهي. اسان هندستان ۽ چين جي معاشي ۽ سياسي ماڊل کي ڇو نه هندستان ۽ پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي ضرورت مطابق اختيار ڪريون.

چين جي پرڏيهي وزير جي آمد دوران اسان جو خزاني وارو وزير هڪ نئين بجيٽ تيار ڪرڻ ۾ مصرف آهي، ان جو سڀ کان وڏو مسئلو هي آهي ته ملڪ جو مالياتي خسارو ڪهڙي نموني پورو ڪيو وڃي.بهتر ٿيندو ته اسان چين تي گهڻو مدار نه رکون پر اسان کي گهرجي ته اسان چين سان ڪارگر معاشي لاڳاپا قائم ڪيون. چين سان جيڪي منصوبه شروع ٿيا آهن اهي جاري رهڻ گهرجن ۽ جيڪي نوان منصوبه شروع ٿيڻ وارا آهن اهي اسان جي پنهنجي صنعتي، سائنسي، علمي، زرعي، آبي ۽ توانائيءَ جي بنيادن بابت هجڻ گهرجن.چين سان قرضن جي واپسيءَ جي سلسلي ۾ مهلت وٺڻ جي پڻ ضرورت آهي ۽ ان سان گڏ بين الاقوامي مالياتي ادارن کي اهو وجهه به ڏيڻ جي ضرورت نه آهي ته اهي چون ته پاڪستان پاران اسان کان ورتل قرض چين کان ورتل قرضن جي مد ۾ خرچ ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ چين جي اقتصادي ڪاريڊور کي پاڪستان جي صنعتي، زرعي ۽ سائنسي انقلابي حقيقت بڻائڻ لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي. هٿ ٽنگڻ اولهه جي طرف ھجي يا اوڀر جي طرف هُجي، آخر ڪار آهي ته هٿ ئي ٽنگڻ. موضوع ته ٻيا به گهڻا آهن پر هن ڪالم جي پڄاڻي پنهنجي دوست فواد چوڌري کي  انهيءَ گذارش سان ختم ڪري رهيو آهيان ته اوهان ميڊيا تي لاڳو پهرين سينسر شپ کي ختم ڪرائڻ بغير ميڊيا جي درد ۾ پاڻ کي مبتلا نه ڪريو ته اسان اوهان جي شڪر گذار رهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے