21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شاهه سائينءَ جي کاهوڙي، لطف پيرزادي جو وڇوڙو

حميده گهانگهرو

لٽل ماسڪو ٻلهڙيجي ۾ انور پيرزادي جي اولڙي ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون پيدا ٿيون، جن سنڌ جي تاريخ جو مان مٿانهون ڪيو آهي، ادب، تاريخ، تحقيق هنر فن هر لحاظ کان هن ننڍڙي ڳوٺ وڏو نالو پيدا ڪيو، عورت ۽ مرد جي فرق کي مٽائي شعور جي مشعل ٻاري، پڙهائي ۽ نوڪرين ڪري نوجوان اچي شهرن ۾ آباد ٿيا پر تنهن هوندي به سندن پاڙون ٻلهڙيجي جي سڃاڻپ رهيون، ان ڪري جو مشعل کي ٻارڻ وارا پنهنجي مٽيءَ جي خوشبو کان الڳ نه پيا ٿي سگهن، انهيءَ مٽيءَ جو علمي، ادبي، محقق شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پارکو شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو شيدائي مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد جو قائل لطف پيرزادو ڪامريڊ، درويش، صوفي صفت ٻاجهارو ڪڏهن به نه جهڪڻ ۽ پنهنجي مفلسي ۾ به بيباڪيءَ سان ڪنڌ مٿي ڪري هلڻ وارو اڄ سڀني کان الڳ ٿي وڃي سرويچ کي ڀاڪر پاتو.

سرويچ اهو نوجوان جيڪو نامعلوم جاءِ تي باندي بڻايل هو ۽ مهينن کان پوءِ چچريل لاش جي صورت ۾ ٿاڻي بولاخان جي ويجهو هٿ آيو، ان پيءُ ڪيئن اهو لاش پنهنجي ڪلهن تي کڻي پٽ جو آخري سفر پورو ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ جو پٽ جو ڏوليءَ ۾ لاش کڻڻ ڪيترو ڏکيو آهي اهو ته لطف جي دل کان ڪير پڇي پر هن اڏول انسان جو انقلابي ذهن پاڻ کي ان ڪري ڪمزور نه ٿيڻ ڏنو جو کيس خبر هئي ته وقت جي ويرين شاهه عنايت شهيد ۽ ان تحريڪ جي ڪيترن شهيدن حق ۽ سچ لاءِ سر قلم ڪرائڻ کان نه ڪيٻايا، مخدوم بلاول گهاڻي ۾ پيڙجڻ وقت به حق ۽ سچ جا نعرا هنيا، اهڙي طرح لطف پيرزادي به جڏهن پٽ جي چچريل چهري کي ڏٺو هوندو ته ضرور هن کي  سرويچ سچ جو فاتح ۽ ڄڻ سندس چهري تي گلن جي ورکا هجي انهيءَ حوصلي سان ته هن پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ سر قربان ڪيو اهو لطف جو پٽ جي آخري سفر م نعرو هو، تاريخ ۾ اهڙن ماڻهن جي تمام گهڻي اڻاٺ رهي آهي، جن شاهه عنايت جي انهيءَ نعري تي جو کيڙي سو کائي يعني ڪارل مارڪس جي ڪميونسٽ نظريي کان به اڳ شاهه عنايت برابري ۽ حق سچ جي نعري لاءِ قرباني ڏئي سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ مارڪس جي نظريي ان کي وڌيڪ ”ريفريش“ ڪري قوم کي سجاڳ ڪيو ۽ مارڪسي نظريي اهڙي سچائي وارا ڪامريڊ پيدا ڪيا جن مان لطف پيرزادو به هڪ هو.

اڄ جا رجحان اهو ظاهر ڪن ٿا ته گاڏين، بنگلن ماڻهن جي ذهنن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ جي موت کي وڏو سانحو سمجهيو وڃي ٿو، مان انهيءَ سان اختلاف نٿي ڪريان پر لطف پيرزادو جيترو وڏو انسان هو ايترو وڏو نظرياتي ليڊر هو، هو هميشه ڌرتيءَ جي انهن غريبن مسڪينن جي لاءِ سوچيندو رهيو ۽ انهن کان مٿانهون ڪري ڪي به ڪلف دار ڪپڙا ۽ چمڪندڙ بوٽ پائي ڪنهن وڏي گاڏي مان لهي ماڻهن سان ملڻ نه ايندو هو، پر سندس تن تي محنت ۽ مزوري واري لباس ۾ پيرين پنڌ اچي محفلون سجائيندو هو ان ڪري هيءُ تمام امير ترين نظرياتي ڪامريڊ هو، هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پارٽين جا عروج ۽ زوال به ڏٺا، گهڻا ڏک ڏولا به ڏٺا پر بهادريءَ سان سندس وچ ۾ هڪ وڏي پارٽي هئي جنهن ڪري باشعور هر ماڻهو لطف پيرزادي جو نالو شان سان وٺڻ جو قائل هو.

هو ڪميونسٽ پارٽي جو سچو ۽ وفادار ساٿي رهيو، مان شهيد نذير عباسي جي پهرين ورسي لاڙڪاڻي ۾ رٿي هئي ۽ منهنجي گرفتاري جو خطرو هو ان ڪري ٻلهڙيجي ۾ ترسايو ويو، انور پيرزادي سڀني نوجوانن جي رهنمائي پئي ڪئي ۽ منهنجي لاءِ هنن نوجوانن کي ذميواري ڏني ته ڪهڙي به نموني سان گرفتاريءَ کان کيس بچائڻو آهي، مون ڏٺو پئي ته آخر ڪهڙي طاقت آهي جيڪا اسان سڀني کي اهڙي ڏکي حالت ۾ تمام گهڻو رسڪ کڻي جوڙي ويٺي آهي، يقينن انهيءَ کي نظرياتي سوچ ئي چئي سگهجي ٿو.

ڪجهه ڏينهن اڳ زرار پيرزادي ٽي وي پروگرام ”تخليق“ ۾ مهمان طور گهرايو هو، هن درويش صفت انسان ۾ ڪو ٺٺ ٺانگر نه هو بلڪل سادو ٻاجهارو شخص سڀني کي ڏسي کلي کلي پيو ڪچهري ڪري مان به آفيس ۾ ويٺي هيس ۽ ڪرسي ڀرسان رکي ڪچهري ڪرڻ شروع ڪئي، مون کي ڳالهائڻ ۾ ايئن پيو محسوس ٿئي ته اڄ کان 38 سال اڳ وارو لطف پيرزادو جنهن جي ڳالهائڻ ۾ نه ڪو خوف ن خطرو نه مايوسي، اڄ به سوچ جي لحاظ کان هو نوجوان آهي، ڇاڪاڻ جو سندس سوچ ضعيف نه ٿي هئي. عوامي آواز ٽي وي کي اهو اعزاز آهي ته هن جو آخري انٽرويو وري به چونديس ته تاريخ ۽ تاريخي ماڻهو حرف آخر ناهن هوندا، هنن کي جڏهن به پڙهبو جڏهن به ياد ڪبو ته ڄڻ هو اڳيان پيا گهمندا وتندا.

مان ڏاڍو صبر ڪري اهو  لکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان ڇاڪاڻ جو سمجهان ٿي جڏهن منهنجي قلم جي نوڪ هن پني تي ڪجهه گهڙين جون يادون لکي رهي آهي ته ٻئي پاسي لطف پيرزادي جي ڌرتيءَ ماءُ جي هنج کي ٺاهڻ جون تياريون هونديون، هو اڄ ڌرتي ماءُ جي جهولي ۾ وڃي آرامي ٿيندو، سندس وڇڙيل پٽ سرويچ اچي کيس ڀاڪر پائيندو، هو ڪيڏو نه خوش ٿيندو ۽ پوءِ دل کولي سرويچ کي ٻڌائيندو ته ڪيئن جدائي جا سور سٺا، ڪيئن وقت کي ويرين هٿان شهيد پٽ جي مان کي مٿانهون ڪرڻ لاءِ اکين ۾ ڳوڙها نه آندا. سندس آخري آرام گاهه مٿان مٽي لٽيندڙ ضرور اکين ۾ لڙڪ آڻي کيس ياد ڪندا ۽ جدائي جي غم ۾ ورتل هوندا پر هو پنهنجي وڇڙيل پٽ سان ملي ڪيڏو نه خوش هوندو. انهيءَ سڄي صورتحال کي ڏسي مان سندس پونئيرن سان ڪيئن تعزيت ڪيان جيڪي ماڻهو ڏکن جي زندگيءَ ۾ زندهه لاش جيان جيئن ۽ خوشين جي پالڪين کي کڻڻ بجاءِ ڏکن جي سيج کي سينگاريندي ڏسن اهي ڪيڏن دردن جو داستان کڻي هن دنيا مان هليا ٿا وڃن، يقينن لطف پيرزادو به ڪيترن ئي درد جي داستانن سان هن دنيا کي الوداع چيو هوندو پر هو مايوس نه هوندو، هو هليو وڃڻ کان پوءِ به فاتح آهي، ڇاڪاڻ جو هن جو ضمير زندهه هو، هو ڪامريڊ هو انقلاب ۽ ڌرتيءَ واسين جي خوشحالي تي سندس پختو يقين هو. هو انفرادي خوشين جو قائل نه هو، اجتماعي خوشي سندس سوچ جو سرمايو هئي، ان ڪري ڪڏهن به تقريب ڪوٺائي اهو ظاهر نه ڪيو ته سندس هي ذاتي خوشي آهي، خوشين جي اميدن سان مسڪرائيندي مسڪرائيندي سڀني جي اکين ۾ جدائي جا لڙڪ ڏئي آخر اڄ لطف پيرزادو  به اسان وٽان هليو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے