21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سنڌ متروڪه ملڪيت ناهي

حافظ سڪندر تنيو

اڄ ڪلهھ ڪي ساڙ سڙيا ماڻهو سنڌ کي متروڪه ملڪيت (ڇڏي ويلن جي لا وارث ملڪيت) چئي، سندس وارث ۽ دعويدار بڻجڻ جي بڇڙي حرڪت ڪري رهيا آهين، روز نئون ڪونه ڪو چرين جي اسپتال مان نڪريو اچي، سنڌ ورهائڻ جي ڳالهھ ڪرڻ لڳي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار سوشل ميڊيا، اليڪٽرڪ ۽ پرنٽ ميڊيا سندن سهارو بڻجي، سندن مسخري جهڙي موقف کي شايع ڪندي، سنڌ جي اصلي مالڪن کي زخمي ڪندي، مٿن لوڻ ٻرڪي رهي آهي. اهو ناٽڪ مذهب جي اسٽيج ٺاهي اتان پيش ڪيو ٿو وڃي. سنڌين کي جاهل، ڄٽ، اڻ سڌريل، اڻ پڙهيل جا الزام لڳايا وڃن ٿا. هو سمجهن ٿا ته سنڌ مٿان متروڪه ملڪيت جي دعوي’ڪرڻ کي ڪوئي دليل سان جواب ڏيڻ وارو ئي ناهي، هو سنڌ جي اسيمبليءَ ۾ ويٺل ڪجهھ ڄٽ ڀوتارن کي ئي سنڌ جو نمائندو سمجهي رهيا آهن. پر کين خبر هئڻ گهرجي ته سنڌ ۾ اهل علم ماڻهن جي سجاڳي ۽ علمي اپروچ جون لاٽون اڃا اجهاميون نه آهين. آئون سندن ڪوڙي دعوي’کي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

قومن جي تاريخ ۾ اهڙا موڙ وڪڙ به ايندا رهندا آهين، جن جي ٿورڙي غفلت سبب ايندڙ وقت خوف ناڪ خبرون کڻي ايندو آهي.ماضيءَ ۾ ماڻهن جي ۽ ملڪن جي ورهاست کي فطري چئون يا غير فطري، قومن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ چئون يا ڪوئي ٻيو نالو ڏيون، پر بنيادي طور اهو مفادن جو ٽڪراءُ ئي چوڻو پوندو، جيسيتائين مفادن جي علت يا سوچ جو ازالو نه ڪيو ويندو، تيستائين ويڙهه، جهيڙو جاري رهندو ايندو. ڪوئي به ڪنهن جي طئي ٿيل حقن تي هلان يا ڌاڙو نه هڻندو ته ڪڏهن به تضاد پيدا نه ٿيندو، مفادن ڪري ماڻهو وڙهي پوندا آهين، جيڪڏهن پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي سببن کي ڏسنداسين ته گڏيل هندستان جا اهي علائقا، جيڪي هن وقت پاڪستان ۾ شامل آهين، تن جي ورهاڱي وقت جيڪا حالت هئي، ان کي سوچ جي عينڪ سان ڏسڻو پوندو، انهن علائقن ۾ پسماندگي، پوئتي پيل،اڻ پوريون سهولتون ۽ سڃائي سندن سڃاڻپ بڻيل هئي. ڪي خاص منظور نظر ماڻهو مالدار، تعليم وارا، واپار تجارت، ڪارخانا، ٻنين، محلن بنگلن وارا هوندا هئا، ايتريقدر جو عدالتون ۽ انتظاميا به سندن ويهاريل نظر ايندي هئي، انهن ماڻهن کي هندو ڌرم واري نالي سان سڃاڻپ هئي، ھي ءَ کليل حقيقت آهي نڪي ڪنهن تي الزام يا تعصب جو تير اڇليل آهي. هنن وٽ قوميت ، ٻولي، ماڻهپي کان وڌيڪ ڌن دولت ۽ مذهب پيارو هيو، سموري هندستان جو آسودو هندو، غريب مسلمان جو چلم جي نڙ سان پٽڪو لاھيندو هيو، اوچ نيچ جي ستي کين پنڊتن ننڍڙائپ ۾ ئي پياري ڇڏي هئي، جيئن هن وقت سيد، پير، وڏيرو سندن گادين تي ويٺل نظر اچي رهيو آهي، هر انسان سندن آڏو سر جھڪايو پيرن تي ڪريو پيو آهي. هندن جي ان رويي سبب هندو مسلم تضاد اڀري پيو، جن کي ڪن انسان دوست ماڻهن روڪڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، ڪي ان ۾ ڪامياب به ويا،جن ۾ ديوبند مدرسو ۽ مولانا آزاد اڳ ۾ بيٺل نظر آيا، مولانا آزاد مسلمانن کي چيو هي ڀاڄ ڇو ٿا کائو، ھي اوهان جي وڏن جي قافلن گنگا جمنا جي ڪنارن تي ٿڪ ڀڳا هئا، سندن پوتر ڌارائن مان پوشاڪون ڌوئي پهريون هيون، نمازن لاءِ ويھي وضو ڪيا هئا، دهلي جو لال قلعو، هي قطب مينار، آگري جو تاج محل اوهان جي عظمتن جا ساکي رهيا آهين، دهليءَ جي جامع مسجد جا منارا اوهان کي سڏي رهيا آهن ته اسان کي  اسپين بڻجڻ نه ڏجو، جو سڀاڻي الله اڪبر جو آواز ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ ئي نه اچي، ديوبند  مدرسي جي عالمن مسلمانن کي چيو بک وگهي ملڪ ڇڏي نه ڀڄو، اوهان پنهنجا ٻچا اسان کي ڏيو، کين اسين پالي، علم، دولت سان  آسودو ڪنداسين، پر پوءِ به تضاد بلڪل ختم ٿي نه سگهيا. جنهن مسلم قوميت جي نالي ۾ نئين ملڪ جو مطالبو ڪري وڌو. ۽ مذهب جي نالي تي ماڻهو ۽ خطا ورهائجي ويا. پر نئين ملڪ ۾ شڪليون ته حڪمرانن جون بدليون، بدن بدليا پر بد نصيبيون نه بدلي سگهيون. جن ڏاڍاين خلاف وطن ڌار ٿيا، جيڪي علائقا پوئتي پيل هئا، انهن تي نئين مخلوق اچي ويئي، جن هندن جي ڇڏيل ملڪيتن تي لالچي نظرون رکي نظرانداز ٿيل ماڻهن کي تريءَ تيل لائڻ نه ڏنو، سڀ شيءِ سندن قبضي ۾ اچي ويئي، ڀولڙي واري تارازي سندن هٿ ۾ ڏني ويئي، سموري دولت ٻاهرين ماڻهن کي ڏني ويئي، مقامي ماڻهن کي ڪلمو قرآن پڙهڻ جو سبق پڙهايو ويو ته اهو پڙهو ته سڃائي پاڻهي ختم ٿي ويندي، جڏهن ته امام عبيد الله سنڌي چيو ته جن مذهبي ماڻهن وٽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت نه هوندي آهي، سي ماڻهن کي ورد وظيفا ڏسي کين پنهنجو غلام بڻائي رکندا آهين.

ٻاهران آيل ماڻهن جي گهڻائي اڳ ۾ ئي تعليم يافته، هنرمند، واپاري، نوڪريون ڪندڙ، بيوروڪريسي ۾ هئي، تن کي سٽيلمنٽ جو کاتو ڏيئي ڪمشنر منجهائن ئي مقرر ڪيا ويا، جن انصاف جا ڪپڙا لاهي کيس اگهاڙو ڪري ڇڏيو، قرآن چيو ويل ڪري ڇڏيو انهن لاءِ، جيڪي تارازي جي تور ۾ ٺڳي ڪندي، پنهنجي ماڻهن کي سڀ ڪجھه ڏين ٿا، هنن ماڻهن اصلوڪي ماڻهن سان ٺڳيون ڪيون، کين ڏهه هزار جي ڇڏيل ملڪيت پيسن سان خريد ڪرڻ جي اجازت به نه ڏني. سنڌي ۾ هڪ پهاڪو رائج ٿي پيو ته جيڪو ٻين جي حق مارڻ لاءِ ڳٺ جوڙ ڪندو هيو ان کي” سٽيلمنٽ ڪندڙ ” چيو ويو، هنن آفيسرن کي ورهاست ڪندي ايئن چيو ويو. جڏهن ته بين الاقوامي ضابطن ۽ فقه حنفي جي اصول مطابق جڏهن ملڪيتن جا مالڪ، ڪن سببن ڪري هميشھ لاءِ ملڪ ۽ ملڪيتون ڇڏي وڃن ته سندن ملڪيتن جي وارث سرڪار ٿي پوندي آهي. اهڙي ملڪيت کي فقه حنفي ءَ مطابق متروڪه نٿو چئي سگهجي. آٽو ميٽڪ ھو ۽ سرڪار جي ملڪيت بڻجي ويندي. جيڪا مناسب طريقي سان ان جي ورڇ ۽ وڪرو ڪندڙ هوندي. پر هتي مقامي ماڻهن جو اقتدار جي تاج تخت ۾ حصو ضعيف هجڻ سبب ڏوھ بڻجي پيو، جڏهن ته قرآن پاڪ چيو "ونريد ان نمن علي الذينستضعفو في الارض ونجعلهم ائمۃ ونجعلهم الوارثين” الله چيو مان گهران ٿو ته جن ماڻهن کي سندن زمين تي ضعيف ڪيو ويو آهي تن کي وارثي ۽ اڳواڻي ڏياريان. هتي مقامي ماڻهن کي ڪوئي شعور، سجاڳي ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر سندن ملڪيتن ۾ ئي اکيون وڌيون ويون، جيڪو سلوڪ ساڻن غير ملڪي آقا انگريز ڪندو هيو، هي ٻاهران آيل ماڻهو ان کان به ڪيتريون وکون ظلم ڪرڻ ۾ اڳتي نڪري ويا. هنن اقتداري طاقت واري باز جيان اسان جهرڪين کي چنبن ۾ پڪڙي چيهون چيهون ڪري ڇڏيو، هڪ چوري وري ان تي سينا زوري هيءَ ڪئي ٿي وڃي، جو چيو ٿو وڃي ته اسان متروڪه سنڌ جا مالڪ آهيون،

هندستان ۾ ايئن نه ٿيو اتي جي ملڪيتون حڪومت حوالي ٿي ويون، ڏھ سيڪڙو به شرناترين(پناهگيرن) کي نه ڏنيون ويون. سنڌي هندو هتي اربين روپين جون ملڪيتون ڇڏي ويا، پر اتي کين ڪئمپن ۾ رکيو ويو، هتي جي پناهگيرن جو ڪمال ۽ ذهانت تڏهن چئجي ها، جڏهن هو پنهنجي ملڪ ۾ هندن جي استحصال سان وڙهي ڪري، اتي الڳ ملڪ ٺاهي ڏيکاري، پوءِ ترقي ڪن ها، ھي مفت جي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکي، چون ٿا ملڪ اسان ٺاهيو ۽ دولت مند ٿيڻ سندن ذهانت هئي، پر نه هنن ملڪ ٺاهيو نه ئي هي هوشيار هئا. ملڪ جي گهر سنڌين سڀ کان اول ڪئي، اسيمبلي ۾ مطالبو ڪري ٺهراءُ آندو، جيل ڀريا، مکي ٻيلي ۾ حرن جي نه گسندڙ بندوقن جي فائرنگ ملڪ آزاد ڪرايو، وطن يا ڪفن جو نعرو پير پاڳاري ڏيئي سوليءَ کي چمندي چڙهيو. پر هنن جي لڏ پلاڻ مفادن ۽ملڪيت ڪارڻ هئي، اڄ به هو هندو تهذيب، ثقافت، سان چنبڙيل آهين، اڄ به هو بنارس، لکنئو، يو پي سي پي ڪراچيءَ ۾ بڻايو ويٺا آهين، اڄ به سندن ناناڻا انڊيا ۾ ويٺل آهين، اڄ به هنن جا رابطا، همدرديون ھندستان سان آهن، را کان پيسا ۽ تربيت اڄ به هي حاصل ڪري رهيا آهين، پاڪستان زنده باد جو منافقت وارو نعرو هنن جي زبانن تي آهي، پر اندر ۾ اکل ڀارت جا هي سپاهي بڻجي ڪم ڪري رهيا آهن، ان ڪري هنن جي متروڪه مطالبي کي ملڪ کي ورهائڻ جي هڪ سازش سمجهڻ گهرجي. جناب عمران خان کي عرض آهي ته ڀلي اوهان ڇهن ووٽن تي يا ڪنهن جي ڇويهن ووٽن تي اقتدار ۾ رهي، پنهنجي حڪومت ڪريو، پر ياد رکو جنهن ڏينهن اوهان سنڌ ورهائڻ لاءِ ڪنهن ڌر کي ڏاڪڻ طور پنهنجو ڪلهو ڏنو، اهو ڏينهن اوهان جي اقتدار جو زوال بڻبو، فطرت جون همدرديون سدائين مظلومن سان رهيون آهين، 2010 ع جي ٻوڏ جتي سنڌ کي تباھ ڪيو، تتي فطرت سنڌي ماڻهن کي ڪراچي ۾ ڪٺو ٿيڻ جو موقعو پڻ ڏنو، اڄ سنڌي ڪراچي ۾ لکن جي انگ ۾ رهي ٿو، جيڪو سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ وارن لاءِ پريشاني جو باعث بڻيل آهي، قدرت سنڌين کي صبر جو اجورو اڄ ڏيڻ شروع ڪيو آهي، سنڌي ئي ھن ملڪ جا محافظ بڻجي رهيا آهين، ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪندي سنڌي فوجي سپاهين جا لاش سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ اچن ٿا، اسان کي سندن شهادتن تي فخر آهي ته وطن لاءِ جان قربان ڪري رهيا آهين. تاريخ جا فيصلا ڪنهن جي خواهشن تي نه ڏنا ويندا آهين هنن ڀائي لوڪن جون اميدون ڪڏهن به قدرت ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم سنگت کي سمجهائيندي چيو ته “اڄ نائين محرم آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے