19 اربع , سيپٽمبر 2018

احسن اقبال جي معافي قبول، توهين عدالت نوٽيس خارج

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال  خلاف توهين عدالت جو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس مظاهر علي نقوي جي سربراهيءَ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  عدالت احسن اقبال جو معافي نامو منظور ڪندي توهين عدالت نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته مخالفت جي سياسي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، توهان هڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار ماڻهو آهيو،  سياسي اڳواڻن جو پنهنجو هڪ مقام آهي، ماڻهن لاءِ توهان کي روڊ ماڊل هئڻ گهرجي. عدالت چيو ته موجوده حڪمرانن کي مخالف نه سمجهو، ٻيهر اهڙي حرڪت نه ڪيو جنهن سان وري اهڙا صورتحال پيدا ٿي. احسن اقبال عدالت جا ٿورا مڃيندي چيو ته جذبات ۾ اچي ڪجهه چئي ويو هيس پر هاڻي مان اڳتي وڏيڪ محتاط رهندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ : بيلٽ پيپرن جي ڇپائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون تياريون مڪمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ننڍي چونڊ لاءِ بيلٽ پيپرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے