22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

هاڻ رجعت پسندي مان جان ڇڏائڻي پوندي

سارنگ پيرزادو

جنهن وقت هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان جو وجود ظاهر ٿيو ته ان وقت پاڪستان جي باني محمد علي جناح صاحب پنهنجي خطاب ۾ چيو هئو ته هاڻ پاڪستان ٺهي چڪو آهي هاڻ هت  هر مذهب سان واسطو رکندڙ کي پنهنجي مذهب ۾ آزادي هوندي هو آزادي سان مندرن مسجدن ۽ ڪليسائن ۾ وڃي سگهندا پر شايد جناح صاحب اها ڳالهھ وساري ويٺو هئو ته هن  ملڪ کي ٺاهڻ لاءِ جن ماڻهن سندس ساٿ ڏنو هئو اهي سڀ  فقط هڪ ئي ڳالھه جي لاءِ پاڪستان جي تحريڪ ۾ شامل ٿيا هئا ته هي ملڪ مسلمانن جو آهي  ۽ شايد هو پنهنجي ذهن ۾ اهو طئي ڪري ويٺا هئا ته جناح صاحب ڀل ڪجهھ به چئي پر هڪ ڀيرو هي ملڪ ٺهي پئي ان بعد ڏسون ٿا ته ڪيئن ٿو ڪو غير مسلم هتي رهي ۽ ترقي ڪري پنهنجي ان ئي مقصد تحت هنن پنهنجي رستي جي پهرين ديوار مطلب جناح صاحب کي به رستي تان هٽائي ڇڏيو هن جو موت اڄ ڏينهن تائين حيران ڪن آهي ته ملڪ جي باني جي ايمبولينس ۾ ڪا طبي امداد نه هئي نه ئي ڪو ٻيو سندس ساڻ هئو. ان بعد انهن انتها پسند طاقتن پاڪستان جي سرزمين  غير مسلمن لاءِ تپائي ڇڏي ۽ سڀني کان پهريان ان طوفان جي ور چڙهيو حشمت راءِ عرف حشو ڪيول راماڻي جيڪو پاڻ کي هندو نه سڏرائيندو هئو فقط سنڌي سڏائيندو هئو هو هن ڌرتي کي پنهنجو ديس سمجهندو هئو ۽ هو هڪ ڏاهو شخص هئو جنهن کان گهڻن ئي گيان حاصل ڪيو پر افسوس اهو ٿيو ته هو انتها پسندي جي طوفان جي زد ۾ اچي ويو ۽ هن کي پاڪستان ڇڏي انڊيا وڃڻو پئجي ويو ۽ ان زور زبردستي جي جلاوطني سبب هو ڊپريشن جو شڪار ٿي  پنهنجي ڏاهپ ۽ علم سڀ وساري ويٺو ان بعد اهي به شهادتون مليون ته هو ڪجهھ ماڻهن جي آڏو هر مهيني هٿ ٽنگيو بيٺو هوندو هئو ته جيئن هن جو مهيني جو گذر سفر ٿئي اهو ته هڪ حشو هئو ان سان گڏ  اهي الائجي ڪيترا واقعا ٿيا ۽ ڪيترن ئي هندو برادري جي ماڻهن کي سختيون برداشت ڪرڻيون پيون جن ۾  سنڌ جو عظيم ڏاهو سوڀو گيانچنداڻي به شامل آهي .

اها انتها پسندي پنهنجي جاءِ تي قائم رهي جڏهن ته پاڪستان جي معيشيت کي جن ماڻهن سڀني کان وڌيڪ فائدو پهچايو آهي انهن مان اڪثريت غير مسلمانن جي آهي يا انهن برادرين جي آهي جن کي اسان جا رجعت پسند ماڻهو اسلام جي دائري کان ٻاهر ٿا سمجهن جن ۾ اسان جي اسماعيلي برادري، بوهري، پارسي ۽ احمدي آهن جيڪڏهن اوهان پاڪستان جي ڪاروباري نظام تي ٿوري نظر وجهو ته اوهان کي وڏا ڪاروباري ادارا انهن ئي برادرين جا ملندا ان کان بعد جيڪڏهن صحت جي شعبي ۾ ڏسو ته اوهان کي هندو برادري وڌيڪ نظر ايندي سپريم ڪورٽ تي نظر وجهو ته  ٿورا ڏينهن اڳ جسٽس راڻا ڀڳوان داس جو ذڪر ڏاڍو پئي ٿيو مطلب اهو ته اسان جي ملڪ جو  نظام ۽ اسان جي رهڻي ڪهڻي ان طرح سان وڌي آهي ته اسان وٽ نه فقط مسلمان پر ان سان گڏ ٻين گهڻن مذهبن جي ماڻهن جو اسان جي ملڪ جي ترقي اندر وڏو هٿ آهي، ۽ اهي سڀ اهي ماڻهو آهن جن هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجيون زندگيون ارپي ڇڏيون آهن ته ڇا اسين مسلمان ايترا احسان فراموش ۽ رجعت پسند آهيون جو ايتريون قربانيون ڏيڻ بعد به اڄ تائين اسين هنن پنهنجن ڀائرن کي پنهنجو نه ٿا سمجهون.

اڄ به ڪٿي احمدي يا پارسي جو ذڪر اچي ٿو ته اسان ۾ هڪ ويڳاڻپ جو احساس ملي ٿو اسين ستر سال گذرن بعد به اهو نه سمجهي سگهيا آهيون ته پاڪستان جي مقصد کي صرف مسلمان نه ٿو بچائي پر هتي رهيل هر مذهب وارو شخص هن ملڪ لاءِ اوترو ئي اهم آهي جيترو هڪ مسلمان ڇو ته هنن جو علم ۽ هنر به اسان جي ئي ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو دنيا هن وقت جنهن تيزي سان اڳتي وڌي پئي ان ۾ اهي سڀ ڳالهيون مدي خارج ٿي چڪيون آهن ته  ڪو به انجينيئر ڊاڪٽر يا قانوني ۽ اقتصادي ماهر ڪهڙي مذهب سان تعلق رکي ٿو ان ماحول ۾ اسان جي حڪومت پاران جڏهن هڪ احمدي ميان عاطف کي معيشيت جي ڪاميٽي جو ميمبر بڻايو وڃي پيو ته اسان جي ملڪ اندر هڪ هلچل مچي وئي ۽ حيرت جهڙي ڳالهھ اها آهي ته اسان جا پڙهيل لکيل سلجهيل ماڻهو جيڪي به ان ئي وهڪري ۾ وهڻ لڳا سوشل ميڊيا هجي يا اليٽرانڪ ميڊيا روز اهي بحث ڏسڻ ۾ آيا ته  هڪ احمدي کي اسان جي مٿان ڪيئن ٿو مڙهيو وڃي ۽ هاڻ اسان جي معيشيت احمدي هلائيندا هاڻ پاڪستان تي اهو وقت اچي ويو آ جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو هئو نه فقط اهو سڀ پر ميان عاطف کي ذاتي طور مرتد ۽ منڪر ثابت ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي وڏا وڏا ليک اچڻ لڳا ته هو ڪيئن احمدي ٿيو افسوس فقط ان ڳالھ جو آهي ته اسان جو پڙهيل ڳڙهيل طبقو به انهن ڳالهين جي حمايت ۾ لڳل آهي، ٿورو سوچجي ته معيشيت کي ته اهو ماڻهو ئي بهتر هلائيندو جيڪو معيشيت جو ماهر هجي پوءِ ان جي ذات ڪهڙي به هجي ان جو مذهب ڪهڙو به هجي جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي ملڪ کي هن حالت مان ڪڍڻو آهي جنهن ۾ هي هلي پيو جو اسان جو ٻار ٻار قرض ۾ ٻڏل آهي ته هاڻ اوهان کي پنهنجي ان انتها پسندي واري خول مان ٻاهر اچي اهو سمجهڻو پوندو ته دنيا جي هر شعبي ۾ مذهب کي وچ ۾ آڻڻ ڪا عقلمندي ناهي ها مذهب جي انهن اصولن کي اپنائي سگهجي ٿو جن تي هلي اهو شعبو ترقي ڪري.

جيڪڏهن اسين اهو چئون ته پاڪستان جي هر شعبي اندر ديني عالمن کي اڳتي  آڻيون ته اسان جي معيشيت اسان جي تعليم صحت سڀ شعبا فقط ديني درس ڏيندا نظر ايندا باقي انهن مان ڪنهن به مثبت نتيجي جي اميد رکڻ بيوقوفي ٿيندي ان ڪري اسان جي اعليٰ عملدارن ۽ اختيار وارن کي اها ڳالھه هاڻ ته سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي ملڪ جي ترقي گهرجي ٿي اوهين دنيا جي قدم سان قدم ملائي هلڻ چاهيو ٿا ته دنيا جي اصولن تي هلڻو پوندو جت هر شعبي اندر  ان ئي شعبي جي ماهر کي  مان ڏبو باقي مذهبي اسڪالرن کي مذهب جي پرچار لاءِ  رکيو  وڃي يا جيڪڏهن انهن کان ڪجهھ اصول ٺهرائڻ گهرو ٿا ته ڪي معياري اصول ٺاهي هڪ ڀيرو  ملڪ جي سڀني شعبن ۾انهن کي رائج ڪري ڇڏيو پر اهي اصول  دنيا جي معيار موجب هجڻ لازمي آهن جن مان ڪا به رجعت پسندي جهڙي ڳالھه ظاهر نه ٿئي  جيڪڏهن ان طرح نه ڪيو ويو ته پاڪستان جنهن رفتار سان هلي پيو ان کان هڪ وک به تيز نه ٿي سگهندي ويتر اسين دنيا کان الڳ ٿيندا وينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے