23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان طرفان چين سان سي پيڪ ٺاهن تي ٻيهر غور ڪرڻ جو فيصلو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز موجب پاڪستاني حڪومت چين سان ٿيل سي پيڪ ٺاهن تي ٻيهر غور ڪندي ۽ نئين سر شرط طئي ڪيا ويندا. برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني حڪومت چين سان سي پيڪ ٺاهن تي نظرثاني ڪندي جنهن ۾ قرض جي ادائيگي ۽ منصوبن جو مدو وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو  جڏهن ته چين ٺاهن تي ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. فنانشل ٽائيمز موجب وزيراعظم عمران خان اقتصادي ڪائونسل کي سي پيڪ رٿائن جي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن ادائيگين جا تفصيل معلوم ٿي سگهن.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  پاڪستان معاشي عدم استحڪام باوجود عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو جڏهن ته ناڻي واري وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ بدران چين ۽ سعودي عرب سان ڳالهيون ڪيون وينديون. برطانوي اخبار کي انٽرويو ڏيندي صنعت ۽ واپار واري وزير عبدالرزاق دائود چيو ته سي پيڪ ٺاهن تي پاڪستاني ڪمپنين کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ چيني ڪمپنيون ناجائز فائدو حاصل ڪري رهيون آهن تنهن ڪري سي پيڪ منصوبن کي هڪ سال لاءِ روڪڻ گهرجي.  هن چيو ته  گذريل حڪومت سي پيڪ ٺاهن ۾ چين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستاني معيشت خلاف فيصلا ڪيا جنهن بعد چيني ڪمپنين کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان لاءِ بهتر نه ٿو ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ تي نظرثاني جو مقصد پاڪستاني ڪمپنين کي خساري کان محفوظ رکڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پروٽوڪول خلاف شهري جو احتجاج: صدر پاڪستان ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پروٽوڪول خلاف احتجاج ڪندڙ شهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے