22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

بزرگن ۾ جوان رت جي منتقلي ڪيترن ئي بيمارين کان بچائي سگهي ٿي: تحقيق

Transfers of young blood in elders can be avoided by many diseases: researchلنڊن( ويب ڊيسڪ ) ڊريڪولا جي روايتي فلمن ۾ان کي  نوجوان ڇوڪرين جو رت پيئندي ڏيکاريو ويندو آهي جنهن بعد هو پاڻ به تازو توانو رهندو آهي، پر هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته بزرگ ماڻهو جوانن جو رت منتقل ڪرڻ سان ڪيترن بيمارين جو علاج ممڪن آهي. يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي هڪ مشهور جينيات دان ڊاڪٽر ڊيم لنڊا پيرٽرج ان سلسلي ۾ اڳواٽ ٿيندڙ سروي ۽ حاصل ڪيل ڊيٽا جو غور سان جائزو ورتو آهي ۽ ان کي جديد طب جو هڪ اهم شعبو قرار ڏنو آهي. هو چوي ٿي ته بيمار بزرگن ۾ نوجوانن جي رت جي منتقلي سان کين دل جي مرض، ڪينسر ۽ ڊيمنشيا جهڙين بيمارين کان محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر پيرٽرج پوڙهن ڪوئن کي جڏهن لاڳيتو جوان ڪوئن جو رت ڏنو ته انهن ۾ وڏي عمر سان جڙيل بيماريون پيدا نه ٿيون. حيرت انگيز طور تي جوان ڪوئن کي جڏهن پوڙهن ڪوئن جو رت چاڙهيو ويو ته ان جي ابتو ۽ خراب نتيجا نڪتا. ان اتساهه ڏيندڙ نتيجن باوجود ڊاڪٽر پيرٽرج چوي ٿي ته ان سلسلي ۾ رت جي جسم تي اثرن جو ڀرپور مطالعو ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ جانورن تي وڌيڪ تجربا ڪرڻا آهن. ان کانپوءِ ئي اسان ڄاڻي سگهنداسين جوان رت ڪهڙي طرح بيمارين کان ڏور رکي ٿو. هڪ ٻئي ڪمپني امروسا ان سلسلي ۾ طبي آزمائشيون ڪيون هيون جنهن ۾ تقريبن 70 رضاڪار شامل ڪيا ويا هئا. ان ۾ گهٽ عمر ترين رضاڪار جي عمر پڻ 35 ورهيه هئي. انهن سڀني رضاڪارن کي 16 کان 25 ورهين جي نوجوانن جو پلازما هنيو ويو هو جيڪو انساني رت جو تمام ضروري جز آهي. ان کي ڪافي ماڻهن ”ويمپائر ٿراپي“ پڻ چيو آهي جنهن ۾ ماهرن ڏيکاريو ته رڳو 24 ڪلاڪن ۾ بزرگن ۾ جوان رت جي منتقلي جا مثبت نتجيا نڪتا. 2017ع ۾ ڪيل امبروسيا بلڊ ٽرائلز ۾ بزرگن جي رت ۾ اها سمورا بايو مارڪرز هڪ مهيني اندر تيزي سان گهٽ ٿي ويا جيڪي الزائيمر، ڪوليسٽرول، دل جي مرضن ۽ ٻين موذي بيمارين جو سبب بڻجندا آهن.يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا لاس اينجلس ۾ تجربن دوران ڪوئن تي ان جا حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا نڪتا ۽ پوڙهن ڪوئن ۾ جوان رت داخل ڪرڻ سان ڪوليسٽرول 10 سيڪڙو گهٽ ٿي ويو، ڪينسر جو سبب بڻجندڙ امڪاني ماليڪيولز(سالمات) ۾ پڻ گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي. ان کان هٽي ڪري 55 ورهين جي الزائيمر جي بيمارين کي جڏهن ته جوان رت جو عطيو ڏنو ويو ته ان جي جسم ۾ فوري طور تي مثبت تبديليون پيدا ٿيون ۽ دماغ ۾ زهريلي مرڪبات ٺهڻ جو عمل 20 سيڪڙو گهٽ ڏٺو ويو. ان ئي بنياد تي ماهر ”نوجوان رت ٿراپي“ کي تمام اميد افزا قرار ڏئي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے