21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فيصل آباد: شاگردياڻي کي اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻايو ويو

Faisalabad: The student was kidnapped after the kidnappingفيصل آباد( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ ستين جماعت جي شاگردياڻي کي اسڪول ويندي رستي تان اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. 2 ڏينهن بعد جوابدارن ٻيهر شاگردياڻي کي اغوا ڪري زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي کيس زخمي ڪري وڌو. ٽهيڪري والا ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب سهيل نالي جوابدار 7 سپٽمبر تي ستين ڪلاس جي شاگردياڻي عاصمه کي اسڪول واري رستي تان اغوا ڪري پنهنجي گهر وٺي زوري زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ شاگردياڻي کي واقعي بابت ڪنهن کي ٻڌائڻ تي موتمار ڌمڪي ڏئي ڇڏي ڏنو. ايف آءِ آر موجب گذريل ڏينهن ٻيهر شاگردياڻي کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته  شاگردياڻي مزاحمت ڪئي  جنهن تي جوابدارن کيس تشدد جو نشانو بڻايو.  شاگردياڻي ٻيو ڀيرو واقعو پيش اچڻ تي والدين کي آگاهه ڪري ڇڏيو.جنهن بعد متاثر شاگردياڻي جي وارثن جي درخواست تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاري لاءِ  ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي شاگردياڻي جي امڙ اعلي اختيارين کان جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪري انصاف ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے