26 اربع , سيپٽمبر 2018

وفاقي ڪابينا ۾ شامل چئن نون وزيرن جي حلف برداري واري تقريب سڀاڻي تائين ملتوي

Federal Minister for Finance, four new ministers will take oath today

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا ۾ شامل چئن نون وزيرن جي حلف برداري واري تقريب سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. ايوان صدر ۾ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيل وڌيڪ 4 وزيرن جي حلف برداري واري اڄ ٿيڻي هئي پر مهمانن جي فوري دستيابي نه هئڻ سبب تقريب سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. پفاقي ڪابينا ۾ شامل نون وزيرن ۾ عمر ايوب خان کي توانائي، علي زيدي کي سامونڊي معاملن ۽ محمد ميان سومرو کي نجڪاري جا قلمدان ڏنا ويندا. ڪابينا ۾ شامل مراد سعيد کي قلمدان ڏيڻ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، امڪان آهي ته کيس مملڪتي وزير جو درجو ڏنو ويندو.ياد رهي ته 20 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان جي 21 رڪني ڪابينا حلف کنيو هو جنهن ۾ 16 وزير ۽ 5 صلاحڪار شامل هئا جنهن بعد شهريار آفريدي کي ڪابينا ۾ شامل ڪندي کيس گهرو معاملن جي وزير جو قلمدان ڏنو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے