20 خميس , سيپٽمبر 2018

ملڪ ۾ جمهوريت کي هٿي پئي ملي، جمهوري قدر وقت سان مضبوط ٿيندا:آرمي چيف

Hyderabad: A sixth anniversary of Mohammad Ibrahim Joyo was celebratedاسلام آباد (م ڊ) عارف علوي پاڪستان جي تيرهين صدر طور حلف کڻي ورتو آهي. آرمي چيف جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي. نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي 13 هين صدر جي حيثيت ۾ قسم کڻي ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار ڊاڪٽر عارف علوي کان عهدي جو قسم ورتو. قسم کڻڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ منقعد ڪئي وئي جڏهن ته مهمانن کي رڳو چانهه ۽ بسڪيٽ پيش ڪيا ويا. قسم کڻڻ جي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٽئي فوجي سربراهه چارئي گورنر ۽ وڏا وزير شريڪ ٿيا. جڏهن ته پرڏيهي سفيرن کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي جو شمار تحريڪ انصاف جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي 29 جولاءِ 1949ع تي پيدا ٿيو ۽ هو پيشي جي لحاظ کان ڊينٽسٽ آهي. پاڪستان ڊينٽل ڪائونسل ۽ ايشيا پيسيفڪ ڊينٽل فيڊريشن جو صدر به رهيو آهي.  صدر ممنون حسين پنهنجي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ بعد ايوان صدر مان رخصت ٿي ويو. صدر ممنون حسين کي پاڪ فوج جي جٿي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪري رخصت ڪيو.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر عمران اسماعيل سميت چئني گورنرن ۽ وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا ظفر الحق دعوت باوجوا شريڪ نه ٿيا. هوڏانهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي هٿي ملي رهي آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ جمهوري قدر وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. رپورٽ موجب نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي حلف برداري تقريب ۾ شريڪ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سرڪاري خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي تيزي سان هٿي ملي رهي آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ جمهوري قدر وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوري عمل جي تسلسل لاءِ اهو وڏو اهم ۽ تاريخي موقعو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے