19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ فرزانه جمالي سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان)نواب شاهه جي شاگردياڻي فرازانه جمالي کي جنسي هراسان ڪندڙ وي سي ۽ ليڪچرار خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ميرپورخاص، دوڙ، گڏاپ، ٺل، باڊهه، هالاڻي، نواب ولي محمد، ٻانڌي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ قوم پرست تنظيمن، شاگردن ۽ شهرين طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عذره پيچوهو جو بيان انصاف جي قتل برابر آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۾ الزام هيٺ آيل ليڪچرار ۽ وي سي جي حمايت واري بيان بعد اڻڌري جاچ نه ٿي سگهندي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن وي سي ۽ ليڪچرار خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

شاگردياڻي فرزانه کي انصاف نه مليو، جمالي برادري جو ڪٺ طلب

نوابشاهه(رپورٽ:اڪرم چانڊيو)شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي جنسي حراسمينٽ معاملي ۾ انصاف نه ملي سگهيو آهي، هوڏانهن شاگردياڻي جي چاچي اقبال جمالي ٻڌايو ته اسان کي عدالتن مان ئي انصاف  جي اميد آهي ۽اڄ اسان پنهنجي برادري جو ڪٺ طلب ڪيو آهي ان ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته انصاف ڪيئن وٺجي، هن چيو ته اسان وي سي ارشد سليم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه ٿينداسين هن چيوته ناانصافي به اسان سان ٿئي آهي ۽ ڪوڙو به اسان کي چيو  پيو وڃي، هوڏانهن ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه پڻ نوابشاهه پهچي فرزانه جمالي سان ملاقات ڪري وارثن کي يقين ڏياريو ته 12 سيپٽمبر تي نوابشاهه ۾ آل پارتيز ڪانفرنس پاران اعلانيل مظاهرو ڪيو ويندو ۽ ان ۾ضلعي جي ماڻهن کي  اپيل ڪبي ته هو مظاهري ۾ شريڪ ٿين، هن وارثن کي يقين ڏياريو ته اسان توهان سان گڏ آهيون  جڏهن ته نوابشاهه جون سياسي ۽ بااثر ڌريون وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسر عامر خٽڪ کي بچائڻ لا۽ ننهن  چوٽي جو زور لڳائي رهيون آهن.

عذار پيچوهو  جو بيان انصاف جو قتل قرار، اڻڌري جاچ نه ٿيندي: اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته فرزانه جمالي حراسمينٽ واقعي بابت صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو بيان انصاف جي قتل برابر آهي. جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۾ الزام هيٺ آيل ليڪچرار ۽ وي سي جي حمايت واري بيان بعد اڻڌري جاچ نه ٿي سگهندي. عذرا پيچوهو جهڙو توهين آميز بيان ڊڪٽيٽر پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ عورتن سان زيادتين واري مسئلي تي ڏنو هو ته عورتون ٻاهر وڃڻ لاءِ لڄالٽ وارا بيان ڏين ٿيون، يونيورسٽين ۾ حراسمينٽ واقعن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ دٻائڻ سان سنڌ ۾ نياڻين لاءِ تعليم جا رستا بند ٿيندا. ان ڪري نواب شاهه حراسمينٽ واقعي جي جوڊيشل جاچ ڪرائي وڃي. يونيورسٽين ۾ معياري تعليم لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڪمل تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي تعليم سان جڙيل آهي. نوجوان ۽ ڇوڪريون سنڌ جو مستقبل آهن، سنڌ جي فرزانه جمالي جهڙين نياڻين کي مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، جيڪو تعليم ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو، اهو سنڌ جو دشمن آهي، يونيورسٽين ۾ دشمنن نه پر سنڌ ۽ علم جي دوستن جي ضرورت آهي، ڪهڙين به مشڪل حالتن ۾ تعليم جو رستو نه ڇڏڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے