20 خميس , سيپٽمبر 2018

عدالتي سال ختم، سپريم ڪورٽ ۾ 40 هزار ڪيس التوا جو شڪار

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ عدالتي سال ختم ٿي ويو، سپريم ڪورٽ ۾ 40 هزار ڪيس التوا ۾ پيل آهن، مليل اطلاعن موجب نئون عدالتي سال اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، ان لاءِ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ تقريب ٿيندي، جنهن کي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ بار ڪائونسل جا نمائندا ۽ اٽارني جنرل انور منصور خان خطاب ڪندو. نئون سال نرالي جڊيشل ايڪٽو ازم سبب بي مثال سمجھيو ويندو. گذريل سال ن ليگ لاءِ انتهائي ڏکيو ثابت ٿيو. جنهن جا سينيئر اڳواڻ نه رڳو آرٽيڪل 184(3) تحت نااهل ٿيا پر ڪجهه کي توهين عدالت تحت سزا به ڏني وئي سڀني وڏن وزيرن ۽ ڪجهه وزيرن کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو. پانامه ڪيس ۾ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ويو. جهانگير ترين به نااهل ٿيو پر عمران خان جي نااهلي جي درخواست رد ڪئي وئي. ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن  موجب سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 40 هزار 54 ڪيس التوا ۾ پيل آهن. انهن مان 19 هزار 374 ڪيس صوبائي رجسٽرين ۾ آهن. رپورٽن موجب سپريم ڪورٽ جي اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ سول نوعيت جا 9 هزار 368 ڪيس رهيل آهن. 2 هزار 249 جيل پٽيشنون آهن، پاڻمرادو نوٽيس جا 39 ڪيس ۽ بنيادي انساني حقن جا 275 ڪيس التوا ۾ پيل آهن. رپورٽ موجب پهرين کان 15 آگسٽ 2018ع تائين سپريم ڪورٽ ۾ 602 نوان ڪيس آيا ان عرصي ۾ انساني حقن جا 17 ڪيس داخل ٿيا رڳو 3 اڪلايا ويا.3311

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے