18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن جو ٻيو ڏينهن، عمارتون ڊاهي پٽ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف وڏي ڪارروائي جاري آهي، غير قانوني مارڪيٽ، شادي هال ۽ پئٽرول پمپ ڊاهي پٽ ڪيا ويا

آهن. سي ڊي اي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ڏيڍ هزار اهلڪار ڪارروائي ۾ حصو وٺي رهيا آهن. گهرو مملڪتي  وزير شهريار آفريدي آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته ملڪ ۾ ڪو به قانون کان مٿڀرو ناهي، حددخلين خلاف ڪارروائي تبديلي جو نشان آهي، آپريشن ٻن ڏينهن کان جاري آهي جنهن ۾ بنا فرق ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، باقي 30 سيڪڙو ڪم به جلد مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته سي ڊي اي، پوليس ۽ انتظاميه ۾ قبضا مافيا جي پٺڀرائي ڪندڙن کي پڪڙيو ويندو، جن ماڻهن غلط لائسنس ۽ اين او سي جاري ڪئي تنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته غير قانوني قدم کڻندڙن خلاف ڪيس داخل ڪبو ۽ گرفتاريون ڪيون وينديون، اهڙو نظام آندو ويندو جو ڪنهن جي جرئت نه هوندي ته سرڪاري زمين تي قبضو ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے