21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪوٽڏيجي: سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي هلان، هڪ عورت قتل، ٻھ زخمي

Kotdiji: Armed men attack on a house, one woman died two injured*ڪوٽڏيجي: سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جو  حملو ڪري هڪ عورت کي قتل ۽ ٻن عورتن کي زخمي  ڪيو.

   ٺري ميرواهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌاتو دستي ۾  لياقت علي دستي جي گهر  ۾ هٿياربندن داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ خانزادي دستي مارجي وئي جڏهن ته زاهده ۽  رشيده زخمي ٿي پيون .

مارجي ويل عورت جو مڙهه  ۽  زخمين کي فيض گنج اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي .

 مقتول عورت جي وارثن منگيو خان دستي، مير حسن دستي ۽ ٻين الزام هڻندي ٻڌايو ته  غوث بخش دستي، حاجي خان دستي، غلام اصغر دستي ۽ ٻيا گهر ۾ داخل ٿي  ناري رخسانه  کي زوري کڻي ويا.

 هنن ٻڌايو ته  مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن  انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني  جنهن جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي 2 زخمي ٿي پيون آهن ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | قاضي احمد: عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قاضي احمد شھر  ۾ عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي  عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو قديمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے