18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |گهوٽڪي: ناري سان ڏاڍائي جي ڪوشش، رڙين تي ڳوٺاڻن بچائي ورتو

گهوٽڪي ويجهو زمين تي  گاهه لاءِ ويل  عورت سان مبينا طور تي  ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته رڙين تي عورت کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو.

عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ وريام چاچڙ ۾ٻني تي گاھه ڪرڻ لاءِ ويندڙ مائي نوران سان ڳوٺ جي بااثرن پاران مبينا طور اغوا ڪري زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي.

عورت جي رڙين تي علائقي واسين پهچي کيس بچائي ورتو.

ثناءُ الله،۽ غلام قادر صحافين آڏو احتجاج ڪندي الزام هنيو ته  عورت ٻني تي گاھ ڪرڻ لاءِ وئي ته ڳوٺ جي بااثرن سائيڏنو،امداد،مشتاق،امير بخش ۽ شعبان  چاچڙکيس اغوا ڪري ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي.

هنن چيو ته بااثرن پاران سندن گھرن تي حملو ڪري واحد بخش،قادر بخش،سائران،زڪيه چاچڙ کي  زخمي ڪيو.

متاثرن چيو ته هنن واقعي جي عادلپور ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي پر پوليس اڃان تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو .

هنن ايس ايس پي گھوٽڪي  کان مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن  خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ واسي احتجاج ڪن ٿا ته کين ملڪ دشمن سڏيو وڃي ٿو: ناصر شاهه

سنڌ جي ورڪس اينڊ سروس کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے