19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |مورو: رهواسين پاران دڪان ڊاهڻ تي پوليس خلاف احتجاج

موري ۾ رهواسين پاران دڪان ڊاهڻ تي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو مير حسن سولنگي، نظام الدين ۽ نديم سميت ٻين دڪان ڊاهڻ تي پوليس خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين الزام هنيو ته پ پ کي ووٽ نه ڏيڻ تي ڪورائي ٿاڻي جو ايس ايڇ او وڏيرن جي چوڻ تي سندن دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هنن الزام هنيو ته ايس ايڇ او چوي ٿو ميڙ ڪري وڏيرن کي راضي ڪيو، ٻي صورت ۾ گهر به ڊاهي پٽ ڪيا ويندا.

سندن چوڻ هو ته ايس ايڇ او جو ڪم قانون جي رکوالي ڪري ماڻھن جي جان ۽ ملڪيت جي حفاظت ڪرڻي آھي، پر ايس ايڇ او بااثرن جي ڊيوٽي ڪري ماڻھن کي نقصان پھچائي رھيو آھي.

رهواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ساڻن انصاف ڪن..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dighri, MirTariqKhanTalpur

نيو | ڊگهڙي: پ پ ايم پي اي، ميرطارق خان ٽالپر پاران  تعلقه اسپتال جو دورو، مسئلا معلوم ڪيا

ڊگهڙي ۾ پ پ ايم پي اي،ميرطارق خان ٽالپر  تعلقه اسپتال جو دورو  ڪري مريضن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے