19 اربع , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم جي چيني پرڏيهي وزير کي سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي خاطري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته چين اسان جو بااعتماد دوست آهي جڏهن ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي هر آزمائش ۾ پوري لهندي آهي. تفصيل موجب پاڪستان جي دوري تي آيل چيني پرڏيهي وزير وانگ زي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ عالمي معاملن سميت سي پيڪ منصوبن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي تي وزير اعظم چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ستون آهي، حڪومت سي پيڪ منصوبن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبي سان خطي ۾ معاشي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزير اعظم چيو ته چين جي ترقي ٻين ملڪن جي لاءِ هڪ مثال آهي جڏهن ته چين اسان جو بااعتماد دوست آهي، چين ۽ پاڪستان جي دوستي هر آزمائش ۾ پورو لهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے