25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو الهيار: 5 ٻارن جي ماءُ مڙس جي ظلم کان  خلاف احتجاج

ٽنڊي الهيار ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مڙس جي ظلم کان تنگ اچي انصاف لاءِ پريس ڪلب پهتي.

پريس ڪلب ۾ غلام فاطمه پنهنجي ماءُ ۽ ڀائر سميت ٻارن سان گڏجي مڙس جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو.

عورت غلام فاطمه الزام هنيو ته مڙس سينتيو سولنگي مزدوري ڪري سڀ پئسا نشي ۾ اڏايو ڇڏي ٿو ۽ رات وقت مارڪٽ ڪري کيس تشدد جو نشانو بڻائي ٿو.

هن چيو ته مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي پنهنجي مائٽن وٽ آئي آهي، جنهن تي ساهرا کيس ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

عورت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته کيس تحفظ ڏئي انصاف ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pangryo

نيوز | پنگريو: نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار

پنگريو ڀرسان نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے