18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڳاڙهو: واٽر سپلائي اسڪيم شهرين لاءِ بي لاڀ بڻيل

ڳاڙهو ۾ واٽر سپلائي اسڪيم ناڪاره هئڻ سبب شهرين کي پاڻي جي فراهمي نه ٿي سگهي .

1985ع ۾ تيار ٿيل واٽر سپلائي اسڪيم هيل تائين چالو نه ٿي سگهي .

شهرين جو چوڻ آهي ته  33 سالن ۾ به واٽر سپلائي چالو نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري  شهري هن وقت به پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن

هنن چيو ته  فرضي نالن سان رکيل ملازمن جي نالن تي غيرقانوني طور لکين روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا پر پاڻي جي فراهمي نه ٿي رهي آهي.

ڳوٺاڻن چيو ته هر سال واٽر سپلائي جي مرمت ۽ صفائيءَ  لاءَ  20 کان 30 لک روپيا ڪاغذن ۾ ڏيکاري هڙپ ڪيا وڃن ٿا.

هنن چيو ته واٽر سپلاءِ ڳاڙھو کي بجلي نه هئڻ جي صورت ۾ سولر سسٽم تي هلائڻ  لاءِ گذريل سال 60 لک روپين جي لاڳت سان 160 سولر جو پليٽون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته  ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو آهي.

ڳوٺاڻن اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واٽر سپلائي اسڪيم  جو  نوٽيس وٺي جانچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

SCPakistan, NasirShah, Qamber, Shahdadpur

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-18

*سپريم ڪورٽ پاران پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن جي اڏاوت بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے