19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڏکڻ سوڊان ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه، 21 ڄڻا فوت

جوبا(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ سوڊان ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي 21 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ صوڊان جي راڄڌاني جوبا جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان يارول ٽائون ويندي ننڍو جهاز ڍنڍ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ڪرڻ جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 21 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ملبي هيٺان 6 سالن جي ٻارڙي سميت 3 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪڍيو ويو. مقامي اختيارين موجب ننڍري جهاز ۾ 19 ڄڻن جي ويهڻ جي گنجائش هئي پر جهاز ۾ 22 ڄڻا سوار ٿي ويا. ٻئي پاسي ڏکڻ سوڊان جي سڌُ سماءَ واري وزير حادثي ۾ 17 ڄڻن جي مارجڻ ۽ 3 جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے