22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو آدم:شهرين پاران ٻن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊي آدم ۾ شهرين پاران ٻن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آر او آفيس آڏو لياقت  ۽ الله ڏني آرائين جي اڳواڻي ۾ رهواسين ٿهيم ڪالوني، ڀٽائي نگر ۽ سستي بستي سميت ٻين علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان بجلي هجڻ خلا ف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شهرين چيو ته باقائدگي سان بجلي جا بل ڀرڻ باوجود ٻن ڏينهن کان بجلي جي فراهمي بند آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن چيو ته  واپڊا وارن کي روزانو چيو وڃي ٿو، پر سندن ڪير به نٿا ٻڌن.

شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير بجلي بحال ڪرائين، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

News: Garhi Khario: Flooding in the Ninth Pool, Ninger's Body Arrival at Home

ڳڙهي خيرو: پير ترڪڻ سبب نينگر تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

ڳڙهي خيرو ويجهو راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب نينگر تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے