23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |لاڙڪاڻو: کنڀي گم ڪيل مشتاق زهراڻي جي وارثن پاران آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل مشتاق زهراڻي جي آزادي لاءِ وارثن ۽ وائيس آف مسنگ پرسن پاران احتجاج ڪيو ويو

کنڀي گم ڪيل مشتاق زهراڻي جي ڀيڻ خانزادي، وي ايم پي اڳواڻ سسئي لوهار،  ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي هنن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته 2 مهينا اڳ مشتاق زهراڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو ناهي

هنن چيو ته مشتاق زهراڻي  ڪنهن به ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث ناهي نه ئي مٿس ڪو ڪيس داخل آهي

سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن مشتاق زهراڻي تي ڪو ڪيس داخل آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji

نيوز | ڌاٻيجي : قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڌاٻيجي  ۾ 5 مهينا اڳ نوشهروفيروز ۾ قتل ڪيل مڙس، زال ۽ ماءُ جي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے