22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو آدم: سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جي ورسي تقريب

ٽنڊي آدم ۾  سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جي 38 هين ورسي جي تقريب  منعقد ڪئي وئي .

ورسي تقريب ۾ ڪلاسيڪل راڳ جي پارکن، استاد منظور علي خان جي شاگردن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، شهر جي معززين، صحافين سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل پرستارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ساڃاهه وندن استاد منظور علي خان جي نالي تي قائم ۽ ڪجهھ سالن کان بند پيل ” منظورعلي خان ميوزڪ اڪيڊمي“ کي ٻيهر کولي ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا جو مرڪز بڻائڻ جي گهر ڪئي.

ان کان اڳ آيل مهمانن کي مهراڻ هسٽاريڪل جي ٽيم اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا

تقريب جي صدارت ڪندڙ سرهندي خطاب ڪندي چيو ته استاد منظور علي خان نه صرف هڪ بهترين ڪلاسيڪل راڳي هو پر هو هڪ سادو انسان به هو، هن سنڌي موسيقي کي نئين جديد ڪلاسيڪل راڳ سان شامل ڪري دنيا آڏو پيش ڪيو .

ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي مشهور گلوڪاره ديبا سحر چيو ته ڪلاسيڪل موسيقي اندر گواليار گهراڻي جو هي سپوت تمام مهان راڳي هو

محفل ۾ شريڪ راڳين ، اديبن ۽ دانشورن استاد منظور علي خان کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sukkur: Khursheed Shah and other candidates have filed anti-election petitions

منجهند ٽي وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-09-22

سکر: خورشيد شاهه ۽ ٻين پ پ اميدوارن جي ڪاميابي خلاف درخواستون داخل گمبٽ: قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے