22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

خواجه سعد رفيق پاران ڊيمن لاءِ فنڊ ڏيڻ جي اپيل تي تنقيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق وزيراعظم عمران خان پاران نون ڊيمن جي اڏاوت لاءِ فنڊن جي اپيل تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته ڪشتو ٽوڙڻ جي دعويدار چندي خور حڪمران ايندي ئي پنهنجي ڌنڌلي ۾ لڳي ويو آهي، آمدني وڌائڻ بدران هر شعبي ۾ اثاثا وڪرو ڪندڙ ۽ چندو گڏ ڪرڻ جا منصوبا ٺهي رهيا آهن.  مسلم ليگ ن اڳواڻ مطالبو ڪيو ته نون ڊيمن جي اڏاوت لاءِ وڏي دعويٰ ڪندڙ ڪي پي ۾ 350 گهوسٽ ڊيمن جي نشاندهي ڪن. هن سوال ڪيو ته عمران خان جي حڪومت پاران ٺاهيل 350  ڊيم ڪي پي ۾ ڪٿي آهن،.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊاڪٽر فاروق ستار 245 جا نتيجا چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم ڊاڪٽر فاروق ستار  قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے