22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ميهڙ : قتل ٿيل نوجوان جي خون سان انصاف لاءِ وارثن جو احتجاج

ميهڙ ويجهو  پنج ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جي خون سان انصاف لاءِ وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي  احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺ وريل قمبراڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل عامر قمبراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عاشق قمبراڻي، الطاف قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن ٻڌايوته سندن نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي .

هنن ٻڌايو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.

ٻه ڪلاڪ روڊ بند هجڻ سبب روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون جنهن بعد پوليس پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون .

پوليس پاران ٻن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے