20 خميس , سيپٽمبر 2018

 بگ باس سيزن 12: سلمان خان هڪ قسط جو معاوضو 14 ڪروڙ رپيا وٺندو

Big Boss Sainan 12: Salman Khan will take up to 14 crore rupeesممبئي( شوبز نيوز ) باليووڊ سلطان سلمان خان بگ باس جي ٻارهين سيزن جي هڪ قسط جو 14 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺندو. بالي ووڊ جو سلوميان گذريل 9 ورهين کان مشهور ٽي وي پروگرام ”بگ باس“ جي ميزباني ڪري رهيو آهي، شو جي وڌندڙ مقبوليت سبب سلمان خان پنهنجو معاوضي ۾ هر سال واڌ ڪندو رهندو آهي. بگ باس جي گذريل سيزن ۾ سلمان خان هڪ قسط جا ڪروڙ رپيا ورتا هئا ۽ هن ڀيري هڪ قسط جو معاوضو 14 ڪروڙ رپيا وٺندو. ان سيزن ۾ سلمان خان 13 قسطن ۾ نظر ايندو ۽ اهڙي طرح هو گڏيل طور تي 300 ڪروڙ 64 لک معاوضو وٺندو. اهو ڪنهن به اداڪار طرفان ٽيلي ويزن تي سڀ کان وڌيڪ حاصل ٿيندڙ  معاوضو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب سلمان خان شو انتظاميا کان هڪ قسط جو معاضو 19 ڪروڙ رپيا طلب ڪيو هو پر شو جي ڪرندڙ ريٽنگ سبب انتظاميا کيس 19 ڪروڙ بجاءِ 14 ڪروڙن تي راضي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے