24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |لاکاروڊ :  جسقم جا ڪيترا ئي  ڪارڪنن  پارٽي قومي ڌارا  ۾ شامل

لاکاروڊ  ۾  جسقم جي  ڪيترن ئي  ڪارڪنن  پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي  قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو وچن  ڪيو  آهي.

جسقم جي ڪارڪنن  اعجاز احمد سانگي،  نعيم، اختر،  علي محمد،  فدا حسين ۽   رضامحمد ڏاهري جسقم کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سندن چوڻ آهي ته گذريل پنجن سالن کان پارٽي ۾ اسين غير فعال آهيون  اڄ اسان سڀئي ڪارڪن جسقم کي خير آباد چئي قومي ڌارا  ۾ شامل ٿي رهيا آهن.

هنن چيو ته هاڻي سندن ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو واسطو يا تعلق ناهي سندن هاڻي توجهه پنهنجي روزگار طرف آهي .

هنن ٻڌايو ته سندن ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے