20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪستاني فلمن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هالي ووڊ جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن: حمائمه ملڪ

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اداڪارا ۽ ماڊل حمائمه ملڪ چيو آهي ته پاڪستاني فلمن جي معيار ۽ ٽڪينڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هالي ووڊ جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي حمائمه ملڪ چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ نوجوان فلم ساز ڀرپور انداز ۾ بحران جو خاتمو ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي پر ان سان گڏوگڏ عالمي مارڪيٽ تائين مڪمل رسائي واري ٽارگيٽ کي نظر ۾ رکي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سٺن موضوعن کان سواءِ هالي ووڊ جي ٽيڪينڪل اسٽاف جو خدمتون پڻ حاصل ڪيون وڃن ته ان سان تمام گهڻي بهتري اچي سگهي ٿي. حمائمه ملڪ چيو ته ڀارتي فلم اندسٽري جي ترقي ۾ پڻ غيرملڪي ٽيڪنيڪل اسٽاف جو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پر اڄ به ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه ته سڀني کي مڃن ٿا ته هالي ووڊ سڀ کان وڏي فلم انڊسٽري آهي ۽ اسان لاڳاپيل ٽيڪنيڪل  ماڻهو پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستاني فلمن جي معيار ۽ ٽيڪنيڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هالي ووڊ جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي وڃي. ادڪارا چيو ته اسان وٽ ٽيلنٽ جي ڪا به کوٽ ناهي پر هن وقت اسان کي درست رخ طرف اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. هڪ ڀيرو اسان درست رخ ڏانهن هلي پياسين ته پوءِ پوئتي موڙي ڏسڻ جي ضرورت ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ حمائمه ملڪ چيو ته منفرد اسڪرپٽ ۽ ڪردار ڪرڻ جي سدائين خواهش رهندي آهي. مان پنهنجي فني سفر دوران ڪم ڪندي اها ڳالهه کي ثابت ڪري چڪي آهيان مان ڪمرشل ۽ آرٽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکان ٿي. پوءِ منهنجو ڪردار ڪهڙو به هجي، جيڪڏهن ان ۾ جان آهي ته مان ان کي ضرور سائن ڪنديس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے