19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪڍڻ: سنهي گوني واهه جي آباگارن جو آبپاشي جي ڪامورن خلاف احتجاج

ڪڍڻ سب ڊويزن آبپاشي سنهي گوني واهه جي آباگارن آبپاشي جي ڪامورن  جي ناانصافين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو  ڪيو .

احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالغني  نوتيار، سيف الله نوتيار ، بچل ملاح، نور محمد ملاح  ۽ ٻين  چيو ته  سنهي گوني واه   جي مٿان کان ماپ گهٽائي  وئي آھي جنهن ڪري سندن واٽر ڪورس  صحيح نٿا وهن.

هنن چيو ته نا اهل  ايس ڊي او جي ڪري پاڻي نٿو ملي، هفتي کان سني گهوني واه بنا ڪنهن جواز جي مڪمل طور بند ڪيو ويو آھي.

هنن اعليٰ اختياري کان مطالبو ڪيو ته ڪڍڻ جي ايس ڊي او  کي  هٽائي کين پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tandojan Muhammad: Family members are behind us after marriage, Need protection: Couple

نيوز: ٽنڊوجان محمد: نڪاح بعد مائٽ سندن ويري بڻجي ويا آهن، تحفظ ڏنو وڃي:جوڙو

*ٽنڊوجان محمد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي دانهيو آهي ته نڪاح بعد مائٽ سندن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے