19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڏھرڪي: شھر ۾ وڌندڙ گندگي  خلاف پ پ جي ڪارڪنن جو احتجاج

ڏھرڪي شھر ۾ وڌندڙ گندگي  ۽ شھر اندر روڊن رستن تي گندو پاڻي بيھي وڃڻ ۽ صفائي نه  ٿيڻ تي پ پ ڪارڪن چيئرمن منير مھر خلاف روڊن تي نڪري آيا.

پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ميان عبدالرشيد، مطلوب ملڪ، نديم دايو جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪري  چيئرمن ھٽايو جا نعرا هنيا .

ان موقعي تي خطاب ڪندي پ پ جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن چيو ته  چيئرمن منير مھر شھرين کي پيپلز پارٽي کي ووٽ  ڏيڻ جي سزا ڏئي رھيو آھي.

ھنن چيو منير مھر جو پ پ سان واسطو نه  رھيو آھي ھن عام چونڊن ۾ جي ڊي جي علي گوھر مھر کي ووٽ ڪرايا هئا .

ھنن   بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته پيپلز پارٽي مخالف ڏھرڪي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمن منير مھر کي عهدي تان  ھٽايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے