21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڊاڪٽر عارف علوي 13 هين صدر طور عهدي جو قسم کڻي ورتو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي 13 هين صدر جي حيثيت ۾ قسم کڻي ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار ڊاڪٽر عارف علوي کان عهدي جو قسم ورتو. قسم کڻڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ منقعد ڪئي وئي جڏهن ته مهمانن کي رڳو چانهه ۽ بسڪيٽ پيش ڪيا ويا. قسم کڻڻ جي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت اعليٰ سياسي ۽ فوجي اختيارين شرڪت ڪئي جڏهن ته پرڏيهي سفيرن کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي جو شمار تحريڪ انصاف جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي 29 جولاءِ 1949 تي پيدا ٿيو ۽ هو پيشي جي لحاظ کان ڊينٽسٽ آهي. پاڪستان ڊينٽل ڪائونسل ۽ ايشيا پيسيفڪ ڊينٽل فيڊريشن جو صدر به رهيو آهي.  صدر ممنون حسين پنهنجي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ بعد ايوان صدر مان رخصت ٿي ويو. صدر ممنون حسين کي پاڪ فوج جي جٿي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪري رخصت ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے