22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

دپيڪا پڊوڪون  شادي بابت پڇيل سوال تي صحافي تي ڏمرجي پئي

Pica Ponduk was on the journalist's question on the question about marriageنئين دهلي( شوبز نيوز) ناليواري ڀارتي اداڪارا دپيڪا پڊوڪون شادي بابت سوال تي تپي باهه ٿي وئي ۽ صحافي کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون. ڀارتي ميديا جي رپورٽن موجب دپيڪا پڊوڪون ويجهڙائي ۾ دهلي ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ٻڌايو ته سندس زندگي ۾ به  هڪ اهڙو دور آيو هو جڏهن هو گهڻو ڊپريشن  ۾ مبتلا ٿي وئي هئي، پر هن پنهنجي اندر ۾ جاري ان جنگ کان شڪست نه کاڌي ۽ آخرڪار ڊپريشن مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. ان موقعي ته صحافي دپيڪا کان سندس ۽ رنوير سنگهه جي شادي بابت سوال ڪيو جنهن تي دپيڪا پڊوڪون کي ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ هن صحافي کي جواب ڏيندي چيو ته مان ان سوال جو جواب نه ڏينديس ڇاڪاڻ ته ان موقعي تي اهڙو سوال ڪرڻ انتهائي بيوقوفاڻو عمل آهي. واضح رهي ته ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه نومبر ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے