19 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز شريف، ڪئپٽن صفدر ۽ حنيف عباسي جيل ۾ ڪمزور، مريم نواز بلڪل خوش

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) سينٽرل جيل اڊيالا ۾ قيد مريم نواز مڪمل طور تي صحتياب آهي جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر ۽ حنيف عباسي ڪمزور ٿي ويا آهن. مريم نواز جو حوصلو بلند آهي ۽ ملاقات لاءِ ايندڙن کي چوندي ٿي ته کين ٻڌايل سزا غلط آهي، هائيڪورت مان اسان کي انصاف ملندو، مريم نواز روزاني هلڪو ناشتو ڪرڻ سان گڏ جوس وڌيڪ استعمال ڪندي آهي، صبح ۽ رات جو اڱڻ ۾ واڪ ۽ رات دير تائين ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف هوندي آهي. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جيل ۾ پسند جا کاڌا کائيندو آهي، ديسي ڪڪڙ به خوراڪ ۾ استعمال ڪندو آهي، ڪيپٽن صفدر اڪثر جيل جي ماني ۾ کائي وٺندو آهي، چئني مسلم ليگي اڳواڻن کي جيل ۾ الڳ الڳ رکيو ويو آهي. گذريل خميس تي ملاقاتن دوران مريم نواز چيو ته جيل ۾ مون کي ڪو به مسئلو ناهي، پنهنجي موقف تي قائم آهيان، جيل ۾ سڀ کان وڌيڪ ملاقاتي نواز شريف جا ايندا آهن، ٻئي نمبر تي حنيف عباسي، پوءِ مريم نواز جون سهيليون ۽ سڀ کان گهٽ ملاقات ڪئپٽن صفدر جا ايندا آهن. ٽنهي کي جيل ۾ 2 مهينن کان وڌيڪ جو وقت گذري ويو آهي، حنيف عباسي کي 50 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي عبوري جاچ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے