22 منگل , مئی 2018

نسل پرست سياست جو توڙ ڇاهي؟ – سجاد ظهير

Sajjad Zaheerڪراچي جي اڳوڻي ناظم ۽ متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ مصطفيٰٰ ڪمال پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، هيءُ پريس ڪانفرنس نه هئي پر الطاف حسين ۽ سندس تنظيم خلاف اعلان جنگ هو. هن پريس ڪانفرنس ۾ اهي سمورا الزام الطاف تي هنيا ويا جيڪي انهي تي پهرين به ملڪ جون سياسي پارٽيون هڻنديون رهيون آهن، پر هيءُ ڪانفرنس ۾ لڳندڙ انهن سمورن الزامن جي ائين درستگي هئي جيئن ذوالفقار مرزا پاران پيپلز پارٽي قيادت تي هنيا ويا هئا، ٻنهي اڳواڻن جو انهن پارٽين سان تمام گهاٽو لاڳاپو هئو، انهن جي سياست جي هڪ ڊگهي تاريخ پڻ آهي، جيڪا سياست هنن انهن پارٽين جي جهنڊن هيٺان ڪئي.

ڪراچي ۾ ٿيندڙ سمورين وارتائن جو ذڪر پڻ هن پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، مصطفيٰٰ ڪمال روئندي اهو به چئي ڏنو ته هڪ مهذب قوم کي هن نسل پرست بڻائي ڇڏيو، اڄ سمورو ملڪ اردو ڳالهائيندڙن کي سٺو نٿو سمجهي، هن تسليم ڪيو ته صولت مرزا اسان جو ڪارڪن هو، هن کي آخري وقت ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو، نوجوانن کي اسٽريٽ ڪرائم ڪرائي انهن مجهان وقت تي هٿ ڪڍي ڇڏڻ پنهنجن ماڻهن سان غداري آهي. مصطفيٰ ڪمال پنهنجي هن لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن واري پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي الڳ تنظيم جو اعلان ڪيو، پاڪستان جو جهنڊو سندن پارٽي جو جهنڊو هوندو، نالو ڪهڙو هوندو؟ انهي جو فيصلو اڳ تي هلي ٿيندو. اسان جي ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته هتي بنياد پرست سياست مضبوط رهي آهي جڏهن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تي 36 سالن کان نسل پرست سياست قبضو ڪيو ويٺي آهي. جنهن ڪراچي جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي، جنهن انهي سياست تي ڳالهايو انهي کي هميشه لاءِ خاموش ڪيو ويو، ملڪ جون تمام وڏيون اقتداري پارٽيون پڻ انهن جون ڀرجهليون بڻيون رهيون، هڪ ٻئي جا  حڪومتي اتحادي رهيا، آپريش به ڪيو ويو، جنهن جو نتيجو فقط ڊيڄارڻ جي ڪجهه به نه هو. نسل پرست ويتر مضبوط ٿيندا ويا، عوام وٽ انهي جي مٽ سٽ ۾ ڪا به ٻي ڌر نه هئي جيڪا ڪراچي جي سوال کي حل ڪري ها. جنهن جي ڪري سالن کان پليل سياست ڪراچي جي انهن نوجوانن لاءِ نظرياتي خوراڪ ثابت ٿي.

1990ع کان وٺي 2000 ع تائين جيڪي اردو ڳالهائيندر سياسي ميدان ۾ آيا انهن کي  ذهنن ۾ نسل نسل پرستي ۽ هٿن ۾ هٿيار ڏئي اهو ٻڌايو ويو ته اوهان جو جيئدان هن ۾ آهي جيڪڏهن توهان هٿيار نه پڪڙيو ته مستقبل خطري ۾ اچي ويندو، ڪچن ذهنن، جن وٽ فڪر اهڙو هو جنهن هنن کي نسل پرستي جي انگاس تي ٽنگي ڇڏيو، ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس انهي نسل پرست سياست جي تابوت ۾ ڪوڪو هئي، هن سموري پسمنظر کان پوءِ اسان کي نسل پرستي جو جائزو به وٺڻ گهرجي.

نسل پرست سمجهن ٿا ته هيءُ سمورا سسٽم ۽ زندگي خانداني مورثي خاصيتون حياتي جي اڏار تي انساني رويي جو تعين ڪن ٿا۔ نسل پرستي ۾ پنهنجي نظرئي ۽ خيال کي لاڳو ڪرائڻ لاءِ زور ڏنو ويندو آهي، جڏهن ڪو ان کان انڪار ڪندو آهي ته کيس ڏاڍ ذريعي جهڪايو يا مڃايو ويندو آهي هن نظرئي ۾ زور ڏنو ويندو آهي ته هر جبر ۽ ظلم پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ لازمي آهي، هن نسل پرستي مطابق ڪنهن به انسان جو قدر ۽ قيمت سندس انفرادي سوچ سان ناهي ٿيندو، ڪنهن به هڪ مخصوص قوم  يا اجتماعي نسل جي فرد جي حيثيت ۾ ٿئي ٿو. ڪيترن ئي ڏاهن جن ۾ سائنسدانن به شامل آهن نسلي ورڇ جي تصور جي ڪوڙن سائنسي بنيادن تي حمايت ڪئي آهي. سوچيندي ۽ سمجهندي پنهنجي خيال کي وقت جي فاشسٽن جي اڳيان انهن جي خواهشن پٽاندڙ پيش ڪيو.اسان وٽ روايت رهي آهي ته  سياست ۾ تنقيد نالي موضوع تي بحث ئي نه ڪيو ويندو، خاموش رهڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن رياستي سرپرستي۾ اهي فرد هيرا ٿي وڃن ٿا جن جي تخليقي واڌ ويجهه ۾ رياست ڪردار ادا ڪيو، انهن کي تنقيد کان مٿاهون سمجهي خاموشي اختيار ڪئي وئي، نتيجي طور اهي گروهه(ٽولا) وڏو داٻ ۽ دڙڪو بڻجي پيڙيل طبقي کي ڊيڄاريندا رهيا آهن.

ڏٺو وڃي ته نسل پرستي نسلي بنيادن تي شام دشمني (يهودين خلاف ڪوڙن ۽ غلط حياتياتي نظرين تي مبني نفرت تعصب) انهن نظرين جو بنياد رهيو، جيڪي انساني خواهشن کي ڪچلي فقط پنهنجي سوچ ۽ ٽولن جي واڌ ويجهه لاءِ اڳ تي وڌندا رهيا ۽ ڏاڍ ڪندا رهيا. نسل پرستن جو خيال هو ته مارڪسزم، ڪميونزم، سوشلزم ۽ عالميت پسندي جهڙيون تحريڪون نيشنلسٽ نسل پرستن جي خلاف آهن، هيءَ انهن خطن جي دانشوري هئي جتي هنن نظرين کي زندگي ملي. تاريخ کي تبديل ٿيئڻو هئو. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اهڙن سوالن جو جنم وٺڻ فطري هو، ڇاڪاڻ جو جڏهن سوالن کي حقيقي بنيادن تي حل نه ڪيو ويندو ته پوءِ تاريخ ۾ سوال مختلف ڏيک سان سامهون ايندا آهن. ايم ڪيو ايم جو وجود ۾ اچڻ پڻ انهي جو اظهار هئو. ايم ڪيو ايم جي سياست ۾ نسل پرستي جو ٻج ڪنهن ڇٽيو اهو بحث نه آهي پر انهي کان آجو ٿيڻ هڪ ڏکيو عمل ضرور هئو. تنظيم کان جنهن به الڳ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي اهو وري سياست ۾ نظر ئي نه آيو، جيڪڏهن آيو ته اهو ڏاڍ ۽ جبر جو جو شڪار رهيو، جنهن جو مثال ماضي ۾ جدا ٿيندڙ اڳواڻن جو آهي، مصطفيٰ ڪمال جي هيءُ بغاوت ڏسڻ ۾ ته ڏاڍي لاڀائتي نظر اچي ٿي، پر مثال ڪا تبديلي آڻي سگهي.

مصطفيٰٰ ڪمال کي ائين ڇو ڪرڻو پيو انهي تي به نظر وجهڻ جي ضرورت آهي جنهن جو اظهار هن چٽي ريت ڪيو، جيڪو شايد اڳ تي هلي ٻين جي سوچ جو مرڪز بڻجي. مصطفيٰٰ ڪمال جي ان ڊگهي پريس ڪانفرنس اڄ هڪ دفعو وري الطاف حسين ۽ سندس قيادت کي اڪيلو بڻائي ڇڏيو آهي سندس پارٽي پاڪستان ۾ پڻ ويڳاڻپ جو شڪار آهي. سندس پاران اٿاريل سوالن کان پوءِ اندازو آهي ته اها پارٽي جيڪا پاڻ کي مڊل ڪلاس جو نمائندو سمجهي پئي انهي جي هڪ نمائندي بغاوت جو اعلان ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگرد ماءُ جي پيٽان بڻجي ڪونه ٿو اچي پر هتي هٿ وٺي تيار ڪيا وڃن ٿا.

هن پريس ڪانفرنس کان پوءِ ڪراچي جيڪو انهي تنظيم جو ڳڙهه آهي اتي نظام پنهنجي ڊُڪ ڊوڙ مطابق هلندو رهيو، سندس پارٽي پاران ڏنل موقف ڪو به مطمئن نه ڪري سگهڻ وارو بيان هو، هونءُ به ايم ڪيو ايم جي خلاف جڏهن ڪنهن ڳالهايو آهي ته انهي جي جواب ۾ ايندڙ بيان بازي ايڏو جٽاءُ نه ڪري سگهي آهي. الطاف جنهن کي هر صبح ۾نئين پيشي جو نياپو مليو پئي اهو هاڻي منظر تان غائب آهي. ان جيترا به ويجهڙائي ۾ مختلف ٽيلي فونڪ خطاب ڪيا انهن ۾ انتهائي پريشان نظر آيو. مصطفيٰ ڪمال جي هن پريس ڪانفرنس کان پوءِ الطاف ۽ سندس پارٽي جو مستقبل ڇا بيهندو، لڳي ٿو ته هن پريس ڪانفرنس اهو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس جو هڪ سبب عوام جي مخالفت پڻ آهي، ان جوهڪ وڏو سبب ته اسان جي سياست جو مهور عوام هوندو آهي پر اسان عوام بجاءِ پنهنجا من پسند فيصلا فقط ڪجهه قوتن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪندا آهيون، نتيجي طور اڪيلا ٿي ويندا آهيون. رياستي ادارا ۽ ان جا رکوالا ڪنهن جا به نه آهن. 20 سال مسلسل اقتدار ۾ رهڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي قيادت اڪيلي بيٺي آهي. ڪراچي جيڪو سندن قيادت جو ڳڙهه آهي انهي جو اڳوڻو ناظم جهڙي ريت سندن خلاف ٿي بيٺو آهي ان عمل ايم ڪيو ايم لاءِ هڪ نئين چارج شيٽ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو دائرو جيڪڏن برطانيا هجي ها ته هتي ڪجهه بچاءُ ٿئي ها. هيءُ پريس ڪانفرنس انهن سمورن فردن لاءِ هڪ سوال پڻ آهي جيڪي انهي تنظيم جو حصو آهن مستقبل ۾ هڪ جواب ڏاڍ خلاف تبديليءَ جي صورت ڏيئڻو پوندو، ان جو مقابلو متحدا قيادت ڪيئن ڪندي اهو به سندس لاءِ هڪ ڏکيو مرحلو آهي.

ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جنهن جو نمائندو هوءُ پاڻ کي سمجهندا رهيا آهن، جيڪي نوجوان ايم ڪيو ايم قيادت خلاف هڪ لفظ ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندا هئا اڄ اهي خاموش آهن، جڏهن ته ڪراچي جي ڀتين تي مصطفيٰ ڪمال جي حمايت ۾ چاڪنگ پڻ انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته هاڻي گهڻو ٿي چڪو، اسان کي جيئڻ ڏنو وڃي، تازي پريس ڪانفرنس کان پوءِ اهو چٽي طرح سامهون آيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي وس ۾ ناهي ته ڪنهن به منظم احتجاج لاءِ ماڻهن کي روڊن تي آڻي سگهي. هن سياسي جماعت جي اهڙي حالت تي خوش ٿيڻ بجاءِ انهن سمورن نسل پرست ٽولن جي مخالفت ڪرڻ گهرجي جن وٽ سواءِ پنهنجي قوم جي بقاء کان ٻي قوم لاءِ ڪجهه به ڪين آهي. جيڪڏهن مصطفيٰٰ ڪمال پنهنجي سياست جو بنياد عوامي رکيو ته شايد لاڀ ڏئي سگهي، باقي ساڳيا لاٽون ۽ چُگهه ڪهڙي اهميت رکن ٿا، اهو تاريخ جا ڄاڻو چٽي ريت ڄاڻن ٿا. هيءَ ڳالهه هر فرد کي ياد رکڻ گهرجي ته نسل پرست چاهي ڪهڙي به قوم جو هجي اهو لٽيرو ۽ نفرت جو باني آهي، سندس خلاف منظم ويڙهه وڙهڻ گهرجي هونءُ به هٽلري نظرين جي پڄاڻي نسل پرستي آهي جنهن جو مقابلو مارڪسسٽ ۽ ليننسسٽ فڪرن سان ئي ممڪن آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽي جي بردباري کان نواز شريف جي بي تابيءَ تائين…

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ لولي لنگڙي ۽ انڌي منڊي جمهوريت هزار دفعا آمريت ۽ مارشل …

هڪ تبصرو

  1. زبردست تبصرو ادا

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے