24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |نئون ديرو جي رهواسين جي ڪار چڪوال ۾ ڪلٽي،هڪ ڄڻو فوت ، ٽي ڄڻا زخمي

نئين ديري واسين جي ڪار  چڪوال موٽر وي تي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

چڪوال سير لاءِ  ويل نئون ديرو واسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ شيرازڀٽو، ماجد ميان ڀٽو، لال بخش ، معشوق علي زخمي ٿي پيا.

زخمي کي ترت ئي چڪوال اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ماجد ڀٽو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو .

ٻئي طرف زخمي شيراز وارثن کي فون تي ٻڌايو آھي ته کيس تمام گهڻا ڌڪ لڳا آهن ۽ هو اسپتال ۾ آهي پر ٻين ساٿين جي خبر ناهي

نوجوانن جا وارث چڪوال طرف روانا ٿي ويا آهن جڏهن ته سندن گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے