19 اربع , سيپٽمبر 2018

آمريڪا پاران فلسطيني اسپتالن لاءِ اڍائي ڪروڙ ڊالرن جي امداد بند ڪرڻ جو فيصلو

US decision to close aid aid to Palestinians for Palestinian hospitalsوشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا والاريل بيت المقدس جي 6 اسپتالن لاءِ ڏني ويندڙ اڍائي ڪروڙ ڊالرن جي امدادي رقم بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايتن جي روشني ۾ فلسطيني اسپتالن کي ملندڙ اڍائي ڪروڙ ڊالرن جي امدادي رقم هاڻ پنهنجن قومي مفادن جي تحت خرچ ڪئي ويندي. ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڊونلڊ ٽرمپ فلسطين کي ڏني ويندڙ آمريڪي امداد تي نظرثاني جو اعلان ڪيو هو. گذريل مهيني ٽرمپ انتظاميا جو چوڻ هو ته هو اولهه ڪناري ۽ غزا لاءِ اڪنامڪ سپورٽ فنڊ جي مد ۾ ڏني ويندڙ 200 ملين ڊالرن جي امدادي رقم تي پڻ نظرثاني ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي فلسطين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو  آهي ته اسپتالن جي امداد جي ڪٽوتي فلسطين کي نقصان پهچائڻ جو حصو آهي ۽ آمريڪي قدم سان هزارين فلسطينين جون حياتيون ۽ هتي ڪم ڪندڙ ملازمن جو روزگار خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا طرفان بنا جواز جي امداد جي ڪٽوتي، غيرانساني ۽ غير اخلاقي قدم آهي، جڏهن ته آمريڪا فلسطين خلاف سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چين به آمريڪي شين تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين به آمريڪي شين تي 60 بلين ڊالر واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے