25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڌاٻيجي: واٽر بورڊ جي مين لائن مان  هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿيڻ لڳو

ڌاٻيجي ۾  ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪندڙ واٽر بورڊ جي مين لائن مان  مقامي انتظاميا جي نااهلي ڪري هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿيڻ لڳو.

ڌاٻيجي پمپ هائوس جي مين لائن مان ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڌاٻيجي واٽر بورڊ جي مقامي انتظاميا جي نااهلي سبب هر روز هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿيڻ لڳو.

ان موقعي تي مشتاق ڀنڀري،  شبير چانڊئي ۽ ٻين  چيو ته واٽر بورڊ ڌاٻيجي جي ڪامورا هتان جو پاڻي پيسن عيوض مقامي بااثر زميندارن وڪرو ڪري ر هيا آهن.

جنهن سبب سنڌ جي راڄڌاني واري  شهر ڪراچي سميت ڌاٻيجي جي مختلف علائقن ۾ پئيڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي علائقي واسي پاڻي جي ڦڙي لاءِ  پريشان آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے