22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عامر خان ڪولمبيئن مخالف سيموئل ورگاس کي شڪست ڏئي ڇڏي

Bakkar, Amir Khan, defeated Colombian anti-region Vargasبرمنگهم ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان سُپر ويلٽرويٽ ڪيٽيگري ۾ ڪولبيئن مخالف سميوئيل ورگاس کي سخت مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي. عامر خان ۽ سميوئيل ورگاس جي وچ ۾ فائيٽ سُپر ويلٽر ويٽ ڪيٽيگري ۾ ٿي ۽ 12 رائونڊن جي فائيٽ ۾ پوائينٽن جي بنياد تي باڪسر عامر خان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. فائيٽ انگلينڊ جي شهر برمنگهم ۾ منعقد ٿي جنهن کي ڏسڻ لاءِ برٽس پاڪستانين جو وڏو انگ پڻ باڪسنگ ايرينا ۾ پهتو. مقابلي دوران باڪسر ورگاس جي مڪي سان هڪ ڀيرو عامر خان رنگ ۾ ڪري پيو پر فوري طور تي پاڻ سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پنهنجي مخالف ورگاس جي منهن تي مڪن جو مينهن لاهي ڏنو. سمورن رائونڊن ۾ عامر خان پنهنجي ڪينيڊين مخالف کي 108-119،109 ۽ 110-118 پوائينٽن تان شڪست ڏني. عامر خان جي ڪاميابي تي برٽس پاڪسيانين برمنگهم ايرينا جي ٻاهران ڪاميابي جو جشن ملهائيندي جهمريون پڻ پاتيون ۽ پاڪستان جي قومي جهنڊو  به جهولايو. ياد رهي ته ان کان اڳ اپريل ۾ عامر خان فل لو گريڪو سان مقابلو ڪيو هو جيڪو هن رڳو 39 سيڪنن ۾ کٽي ورتو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے