22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪريڪ ڊائون، مارڪيٽ، شادي هال ۽ پمپ ڊاهي پٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف وڏي ڪارروائي جاري آهي، غير قانوني مارڪيٽ، شادي هال ۽ پئٽرول پمپ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. سي ڊي اي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ڏيڍ هزار اهلڪار ڪارروائي ۾ حصو وٺي رهيا آهن. گهرو ممڪلتي وزير شهريار آفريدي آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته ملڪ ۾ ڪو به قانون کان مٿڀرو ناهي، حددخلين خلاف ڪارروائي تبديلي جو نشان آهي، آپريشن ٻن ڏينهن کان جاري آهي جنهن ۾ بنا فرق ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، باقي 30 سيڪڙو ڪم به جلد مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته سي ڊي اي، پوليس ۽ انتظاميه ۾ قبضا مافيا جي پٺڀرائي ڪندڙن کي پڪڙيو ويندو، جن ماڻهن غلط لائسنس ۽ اين او سي جاري ڪئي تنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته غير قانوني قدم کڻندڙن خلاف ڪيس داخل ڪبو ۽ گرفتاريون ڪيون وينديون، اهڙو نظام آندو ويندو جو ڪنهن جي جرئت نه هوندي ته سرڪاري زمين تي قبضو ڪري. ممڪلتي وزير چيو ته حددخليون قائم ڪندڙ هڪ مافيا آهي جيڪا گڏجي ڪم ڪندو آهي، قومي اثاثن کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن به رعايت جا حقدار نه آهن. گهرو ممڪلتي وزير عملي کي هدايت ڪئي ته ذاتي جهيڙي ۾ ڪنهن کي نقصان نه پهچايو وڃي، عام ماڻهن ۽ ملازمن نه پر اصل مالڪن ۾ هٿ وڌو وڃي، ادارن ۾ موجود ڪارين رڍن تي به نظر رکي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے