19 اربع , سيپٽمبر 2018

آگسٽ ۾ وڌيڪ 54 ڄڻا گم، ڪيس ڪميشن حوالي

اسلام آباد(م ڊ) گم ڪيل ماڻهن بابت ڪميشن کي 31 جولاءِ 2018ع تائين ڪل 5290 ڪيس وصول ٿيا. آگسٽ 2018ع دوران وڌيڪ 59 ڪيس ڪميشن کي وصول ٿيڻ بعد ڪيسن جو مجموعي انگ 5349 ٿي ويو آهي. لاپته ماڻهن جي انڪوائري بابت ڪميشن 5349 ڪيسن مان 3519 ڪيسن کي ڪميشن جي صدر جسٽس(ر) جاويد اقبال جي ذاتي ڪوششن سان 31 آگسٽ 2018ع تائين اڪلائي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هتي ذڪر جوڳي آهي ته ڪميشن آگسٽ 2018ع دوران 57 ڪيسن کي اڪلائي ڇڏيو ۽ آگسٽ 2018ع تائين 1830 ڪيس باقي آهن. ڪميشن آگسٽ 2018ع دوران مجموعي طور تي 485 ٻڌڻيون ڪيون جن مان 240 اسلام آباد، 180 ڪراچي۽ 180لاهور ۾ ڪيون. ڪميشن 21 آگسٽ 2018ع تائين 3519 لاپته ماڻهن کي  بازياب ڪرايو ۽ انهن جي گهرن تائين حفاظت واپسي کي يقيني بڻايو.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے