22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

مالي بحران سبب ترقياتي بجيٽ ۾ اڍائي کرب ڪٽوتي جو فيصلو، پاڻي منصوبن لاءِ مختص

اسلام آباد (آن لائن) پي ٽي آءِ جي حڪومت هلندڙ مالي سال جي بچت ۾ تبديلي جو فيصلو ڪندي وفاقي ترقياتي پروگرام جي بجيٽ ۾ هڪ ارب 30 لک رپين جي ڪٽوتي ڪري 7 کرب 75 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي. ان ڪٽوتي کان سي پيڪ جا جاري منصوبا متاثر نه ٿيندا. هڪ سينيئر عملدار نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته ان قدم سان حڪومت کي 250 کان 255 ارب رپيا بچت ٿيندي. نئين مالي سال ۾ حڪومت جاري رقم ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي ڪري 135 اربن بدران 35 ارب رپيا جاري ڪيا آهن، بچايل رقم مان آبي وسيلن جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو. باقي رقم قرضن جي واپسي تي خرچ ڪئي ويندي. هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پاڻي لاءِ رکيل 80 ارب رپيا اڻ پورا قرار ڏنا ويا آهن. عملدار موجب ن ليگ حڪومت جي رکيل غير ترقياتي منصوبن مان ڪٽوتي ٿيندي. ايندڙ هفتي جامع پلان وزيراعظم عمران خان آڏو پيش ڪيو ويندو. عملدار موجب ن ليگ حڪومت 10 ارب ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ 5 ارب گيس اسڪيم لاءِ رکيا هئا.3311

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے