21 جمعو , سيپٽمبر 2018

هر ٻئي ڏينهن گيس بند ٿيڻ سان عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو: سنڌ حڪومت

ڪراچي(رپورٽر) انفارميشن ۽ قانون واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سنڌ ۾ گئس بند هجڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته  وفاق سنڌ جي قدرتي وسيلن تي صوبي جو حق مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، سنڌ ۾ هر ٻئي ڏينهن گئس بند ٿيڻ سواليا نشان بڻيل آهي،هن چيو ته  گئس بند ٿيڻ سان سي اين جي جي واهپيدارن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ گئس جي وسيلن سان مالا مال آهي، پر عوام کي گئس جي سهولت نه آهي، سوئي گئس عملدارن جي نااهلي سبب عوام ڀوڳي رهيو آهي، هن چيو ته جتان گئس نڪري اتي گئس جي لوڊشيڊنگ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، سنڌ ۾ مسلسل سي اين جي جي لوڊشيڊنگ سبب عوام عذاب ڀوڳي رهيو آهي، 48 ڪلاڪ گئس جي لوڊشيڊنگ قابل قبول  نه آهي.330641

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے