26 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪستان قائم رکڻ لاءِ نواز شريف کي آزاد ڪرائڻو پوندو: سعد رفيق

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پاڪستان جي بقا لاءِ نواز شريف کي آزادي ڏيارڻي پوندي. لاهور ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ آصف ڪرماني جي والد سعيد ڪرماني جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته نواز شريف کي سزا ڏيڻ کانپوءِ هاڻي ثبوت ڳوليا پيا وڃن، هزارين ماڻهن سان نواز شريف عدليه جي آزادي لاءِ نڪتو هو، عدليه تحريڪ کان اڳ نواز شريف کي هڪ دفعو ٻيهر سوچڻ جو چيو ويو هو.  هن چيو ته اسان سمجهيو پئي ته اسان کي تحفظ ڏنو ويندو پر اسان کي ڪٿي بيهاريو ويو آهي، هڪ اهڙي ماڻهو کي آڻي ويهاريو ويو آهي جيڪو چونڊيل ئي ناهي. سندس چوڻ هو ته نئين پاڪستان کي 22 ڏينهن گذري ويا پر رڳو ڊاڙون هنيون پيون وڃن. چيني سفير هتي آيو اسان کي ته ڇڏيو پر سندس عزت به نه ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته اسان به هزارين ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا پر اسان جمهوريت جو قسم کنيو آهي جيڪا لولي لنگڙي آهي جيستائين نواز شريف جيل ۾ آهي اهو ڪنڊو چڀندو رهندو، ملڪي بقا لاءِ نواز شريف کي آزادي ڏيارڻي پوندي. هن چيو ته ملڪ کي انارڪي طرف نه ڌڪيو وڃي، ماڻهن کي اڄ نه ته سڀاڻي پنهنجا حق ڏيڻا پوندا.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيڪٽا جي جائزي لاءِ ڪميٽي قائم، انتهاپسندي خلاف ڊگهي ويڙهه ڪرڻي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد   (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے