21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مدئجي ويجهو ڊاٽسن ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر، 3 پورهيت فوت، 13 ڄڻا زخمي

مدئجي(رپورٽ: ڪاشف ميمڻ) مدئجي ويجهو ٽريڪٽر ۽ ڊاٽسن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽي پورهيت فوت ۽13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. علائقي واسين ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا. اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب زخمي تڙپندا رهيا. ايمبولينس نه هجڻ سبب فوتي جو لاش چنگچي رڪشا ۽ زخمين کي پرائيويٽ گاڏين ذريعي لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو. تفصيل موجب مدئجي ويجهو نئين پل بس اسٽاپ وٽ ڊاٽسن ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهنن ۾ هڪ پورهيت شيرمحمد بروهي فوت ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ نئون امروٽ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو، اسپتال ۾ موجود زخمين ۾ جمال بروهي، ثناءُالله، گلاب بروهي، عبدالله بروهي، خان محمد، قربان بروهي، علي دوست بروهي ۽ ٻيا شامل آهن,واقعي بعد اسپتال ۾ وڏي انگ ۾ بروهي برادري جا ماڻهو پهتا، اسپتال اندر سهولتون نه هجڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا، جڏهن ته زخمين جا وارث اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ سبب دانهون ڪندا رهيا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته متاثرن جو تعلق مدئجي ڀرسان ڳوٺ محمد مراد بروهي سان آهي، جيڪي ڊاٽسن ۾ رونبي جي مزدوري لاءِ ڳوٺ کان لکي غلام شاهه  وڃي رهيا هئا ته نئين پل بس اسٽاپ وٽ پٿرن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر ٿي پيو، ٻئي طرف زخمين مان ستن ڄڻن کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ ايمبولينس نه هجڻ سبب فوتي جو لاش توڙي زخمين کي نجي گاڏين ذريعي پهچايو ويو, جتي زخمين مان ٻه ڄڻا علي شير بروهي ۽ گلاب بروهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش ڳوٺ محمد مراد بروهي ۾ گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ماتم مچي ويو، هوڏانهن حادثي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.063041

مدئجي اسپتال ۾ زخمين جو علاج نه ٿيڻ خلاف لاش رکي ڌرڻو

مدئجي: حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيلن جي وارثن ڪامريڊ نظرمحمد بروهي،مزارخان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي اسپتال جي مين گيٽ آڏو فوتين جا لاش رکي، احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي تعلقي اسپتال پهچايو ويو جتي اسپتال اندر ڪي به سهولتون موجود نه هيون، ايمرجنسي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ صرف هڪ ڊاڪٽر موجود هو، دوائن جي شديد کوٽ سبب مريض تڙپندا رهيا، جڏهن ته زخمين کي لاڙڪاڻو اسپتال موڪلڻ لاءِ ايمبولينس به موجود نه هئي، علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب اسان جي زخمين تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪيو، هنن هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس,سنڌ جي وڏي وزير,صحت واري صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آهي. مدئجي اسپتال انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري علاج جون بهتر سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

پورهيتن سان حادثو پيش اچڻ تي علائقي ۾ سوڳ

مدئجي: روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٽن ڄڻن شيرمحمدبروهي,علي شير بروهي ۽ گلاب بروهي جي جنازي نماز ڳوٺ محمد مراد بروهي ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ علائقي جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي سرڪاري ڪامورن شرڪت نه ڪئي. جنازي نماز بعد فوتين جا لاش ڳوٺ ڀرسان ڀٽائي سرڪار جي تڪئيي مبارڪ واري قبرستان ۾ لڙڪن ۽ سڏڪن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا,هوڏانهن هڪ ئي ڳوٺ مان ٽي جنازا کڄڻ تي هراک آلي ۽ ڳوٺ ۾ قيامت صغري’ برپا هئي، فوتين جي وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، ٽن پورهيتن جي فوت ٿيڻ بعد علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانئجي وئي,ٻي طرف فوتين جي وارثن سان عذرخواهي جو سلسلو هلندڙ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے