25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪنڌڪوٽ: نانگ ڪکيل نوجوان مبينا طور وئڪسين بدران الرجي واري انجيڪشن لڳڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ ۾نانگ ڪکيل نوجوان مبينا طور وئڪسين بدران الرجي واري انجيڪشن هڻڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو، سندس وارثن اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ غلام علي گبول واسي 30 سالن جي نوجوان محمد خان گبول کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال آندو  ويو،

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ هڪ ڊسپينسر موجود هو، جنهن نوجوان محمد خان گبول جي حالت ڏسي ٻڌايو ته هن کي الرجي آهي.

سول اسپتال ۾ موجود ڊسپينسر نانگ ڪکيل  نوجوان محمد خان گبول کي الرجي واري  انجيڪشن ڪري گهر  موڪلي ڇڏيو ، جنهن بعد نوجوان گهر پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏنو.

نوجوان محمد خان گبول جي وارثن ڀائر عبدالعزيز گبول ۽ ٻين الزام مڙهيو ته نانگ جي وئڪسين نه ملڻ سبب  سندن ڀاءَ فوت ٿيو آهي، جڏهن ته ڊسپينسر الرجي جي وئڪسين  هنئي جنهن سبب ڀاءَ تڙپڻ لڳو .

هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pangryo

نيوز | پنگريو: نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار

پنگريو ڀرسان نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے