26 اربع , سيپٽمبر 2018

والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير چونڊن جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

سري نگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله ڀارتي حڪومت کي خبردارڪيو آهي ته جيڪڏهن آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 تي موقف واضح نه ٿيو ته رياستي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪنداسين. سري نگر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير مطالبو ڪيو ته ڀارتي حڪوتم آرٽيڪل 35 اي ۽ آرٽيڪل 370 تي پنهنجو موقف واضح ڪري.  هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مودي سرڪار جو موقف واضح نه ٿيو ته پنچائت، لوڪ سڀا ۽ اسيمبلي جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڪنهن مسلمان هندو يا عيسائي کي سندس مذهب تي هلڻ واري طريقيڪار کي تبديل ڪرڻ جو ناهي چيو پر مسلمانن کي نماز يا آذان کان روڪڻ وارا، گانڌي جي ڀارت کي تبديل ڪرڻ چاهن ٿا. پاڪ ڀارت لاڳاپن بابت ڳالهائيندي فاروق عبدالله جو چوڻ هو ته آر ايس ايس جي واجپائي پاڪستان سان دوستي ڪري سگهي ٿو ته مودي کي به سوچڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے