19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |بدين : تعليم جي عالمي ڏهاڙي استادن ۽ شاگردن پاران ريلي

تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي  بدين ۾ تعليم کاتي  پاران استادن ۽ شاگردن پاران ريلي ڪڍي وئي .

اين سي ايڇ ڊي بدين پاران هاءِ اسڪول بدين کان ايوان صحافت  تائين ڊي اي او لٽريسي سيد عمران شاه ٽي اي او پرائمري قادر بخش ٽالپر ڊي اي او سيڪنڊري بدين جي فوڪل پرسن محمد خان سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي وئي .

ريلي کي خطاب ڪندي سيد عمران شاهه،  امتياز حسين رند ۽ ٻين چيو ته تعليم هر ٻار ۽ شهري جو بنيادي حق آهي، جڏهن ته  آئين جو آرٽيڪل 25 اي ۾ واضح آهي، جڏهن ته  هر ٻار کي لازمي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻو آهي.

هن چيو ته  تعليم سان معاشري کي سنوارڻ ۾ مدد ملي ٿي، جڏهن ته  سنڌ حڪومت پرائمري کان ميٽرڪ تائين مفت تعليم ۽ ڪتاب مهيا ڪري ٿي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے