20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪوٽڙي: سي آءِ اي پوليس جا ٻن ڌار ڌار  ڪارن تي ڇاپا، 3 جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

ڪوٽڙي سي آءِ اي پوليس ڌار ڌار  ٻن  ڪارن تي ڇاپا هڻي 3 جوابدارن کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو.

سي آءِ اي  پوليس ڳجهي  اطلاع تي  انچارج سرور راهيپوٽو ۽ وڏو منشي اصغر پنهور جي اڳواڻي ۾  ٺٺو انڊس هاءِ روڊ تي ناڪابندي ڪري ڪراچي کان حيدرآباد ايندڙ ٻن  ڪار نمبر BCY 458 , 610AEK .روڪي تلاشي ورتي وئي.

پوليس موجب ڪارن مان  انڊين گٽڪو ،نشي واريون سوپاريون، Z 21  سئو ، سفينا   جا 450 سئو پڪيٽ هٿ ڪيا آهن. پوليس ٻڌايو ته  ٽئي جوابدار قمبر شھداد ڪوٽ جا رهواسي طارق مگسي، حسين مگسي  ۽ محمد خان پٺاڻ کي  گرفتار ڪري سي آئي اي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

ان موقعي ته سي آئي اي ٿاڻي تي سي آئي اي انچارج سرور راهيپوٽو ۽ وڏو منشي اصغر پنهور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ت هٿ ڪيل سوپارين جي  قيمت 6  لک روپيا آهي،

هوڏانهن سي آئي اي ٿاڻي تي  گرفتار جوابدار مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dokri: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ڏوڪري: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري ۽ مجلسون

*ڏوڪريءَ ۾ ڪربلا جي ياد ۾ 9 محرم الحرام جي حوالي سان ماتمي جلوس برآمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے